وڪيپيڊيا:چونڊ مضمون/2022/مهينو آڪٽوبر

بيگم اشرف عباسي

بيگم اشرف عباسي (انگريزي: Ashraf Ababsi) سنڌي سياستدان هئي، جيڪا پاڪستان جي قومي اسيمبلي جي پهرين عورت ڊپٽي اسپيڪر مقرر ٿي. هي پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو جي تمام ويجهي هئي. هي اولهه پاڪستان جي اسيمبلي ۾ 1962 کان 1965 تائين رڪن رهي. هن بعد ۾ پ پ پ ۾ شوليت اختيار ڪئي ۽ 1970ع جي چونڊن ۾ سوڀاري ٿي.