وڪيپيڊيا:وڪي محبوب ناريون ڏکڻ ايشيا 2021

وڪي محبوب ناريون، ڏکڻ ايشيا مضمون لکڻ (مضمون نويسي) جو هڪ مقابلو آهي، جنهن جو مقصد هي آهي تہ وڪيپيڊيا جي درجيڪارين ۾ موجود جنس جي فرق کي بهتر بنائڻ ۽ جنسي وِٿي (صنفي خلا Gender Gap) کي ڀريو وڃي ۽ ان سان گڏوگڏ ڏکڻ ايشيائي نارين جا سوانحي (بايوگرافي) مضمون پڻ لکيا وڃن.

مرڪزي خيال سنواريو

هِن سال وڪي محبوب نارين جو مرڪزي خيال (ٿيم) لوڪ ثقافت (ڪلچر) ۾ ناري واد (فيمينزم)، نارين جي سوانح حيات ۽ وڪي لوڪ ڪهاڻين هيٺ هِن رٿا (منصوبو، پروجيڪٽ) جي لاءِ ٻَڌي (ليگ) ۾ وڪيپيڊيا تي جنسي وِٿي کي ختم ڪرڻ لاءِ صنف تي ٻَڌل موضوعن تي ڌيان ڏيڻ آهي.

لوڪ داستان ۾ منفرد شخصيتون، لوڪ ڪلچر (لوڪ فنڪار، لوڪ ناچُ (جهمر، رقص)، لوڪ گلوڪار، لوڪ موسيقارن، لوڪ راندين جي رانديگرن، افسانن ۾ ناريون، لوڪ داستانن ۾ ناري سورمين (سورهيه ويڙهاڪ ناري)، ڏائڻين ۽ جادوگرياڻين جو شڪار، پرين جون ڳالهيون شامل آهن، پر هي رُڳو انهن موضوعن تائين محدود ناهي ۽ وڌيڪ اهڙا ٻيا موضوع پڻ ان ۾ شامل آهن).

ان جي لاءِ ڏکڻ ايشيا جي سڀني ٻولين منجهان هڪ ناري کي ناظم بڻايو ويندو ۽ انهن جي مدد سان وڪيپيڊيا جي ڏکڻ ايشيائي برادرين جي وچ۾ هي چٽاڀيٽي (مقابلو) منعقد ٿي رهيو آهي.

روان سال تحريڪ نسائيت، مشهور نارين جا سوانحي مضمون ۽ ٻيا صنفي موضوع هن منصوبي جو مرڪزي خيال هوندا. سولائي سان موضوع جي چُونڊ هِتان به ڪري سگهجي ٿي


مقابلي جو جٽاءُ (عرصو) سيپٽمبر 1، 2021 کان سيپٽمبر 30، 2021 تائين جاري رهندو.

اصول ۽ ضابطا سنواريو

هر مضمون لازمي طور تي مکيه صفحي تي ڏنل معيار تي پورو لهڻ گهرجي:

  • سنواريل يا نوان لکيل مضمون گهٽ ۾ گهٽ ٽي هزار بائٽ (3000 Bytes) ۽ ٽي سئو (300 Words) لفظن تي ٻَڌل هجن.
  • مشيني ترجمو ناهي ڪرڻو.
  • مضمون پهرئين سيپٽمبر کان ٽيهه سيپٽمبر جي دوران تخليق يا واڌارو ڪيل، سنواريل هجن.
  • مضمون صنفي (نارين جي) موضوع يعني عشق ۽ محبت، نارين ۽ صنف سان لاڳاپيل اهڙن ٻين موضوعن تي لکيا وڃن.
  • مضمون جي درجيڪاري (مندرجات) ۾ حق ڇپائي (ڪاپي رائٽ) جي ڀڃڪڙي (خلاف ورزي) نہ ٿيل هجي.
  • مضمون معروفيت جي اصولن مطابق لکيا وڃن.
  • مضمون ۾ وڪيپيڊيا جي اصولن، هدايتن موجب مناسب حوالا درج ٿيل هُجن تہ جيئن ان جي مواد (متن) جي ثابتي (تصديق) ٿي سگهي.

مهرباني ڪري لاڳاپيل مضمون جي بحث صفحو تي {{WLW2021}} سانچو رکو.

انعامَ سنواريو

هر هڪ ٻولي پراجيڪٽ:

  • سڀني ڀاڱيدارن ۽ جيوري جي لاءِ سرٽيفڪيٽ
  • گهٽ ۾ گهٽ 4 مضمون لکڻ واري ڀاڱيدار جي لاءِ بارنسٽار.
  • وڌيڪ ڀاڱيداريون ڪندڙن جي لاءِ گفٽ وائوچر
    • پهريون انعام: 12 آمريڪي ڊالر
    • ٻيون انعام: 10 آمريڪي ڊالر
    • ٽيون انعام: 08 آمريڪي ڊالر

پورو مقابلو

بين الاقوامي سطح تي ٽاپ آرٽيڪل لکندڙن جي لاءِ (مضبوط حوالا ۽ ٿيم تحت لکيل مضمون)ڍے قریب):

    • پهريون انعام: 250 آمريڪي ڊالر
    • ٻيون انعام: 150 آمريڪي ڊالر
    • ٽيون انعام: 100 آمريڪي ڊالر

لکيل ۽ سنواريل مضمون سنواريو

حصو وٺندڙ هن مقابلي جي مرڪزي خيال موجب ڪنهن بہ موضوع تي مضمون تيار ڪرڻ (لکڻ) لاءِ آزاد آهن جيڪي وڪيپيڊيا عام معروفيت هدايتن تي پورا لهندا هجن.

شرڪت ۽ شريڪ ٿيندڙ سنواريو

داخلا سنواريو

  • هن مقابلي ۾ شريڪ ٿيندڙ واپرائيندڙ (يوزرز) هيٺ پنهنجو نالو درج ڪريو:

مضمون جو اندراج سنواريو

هيٺ ڏنل بٽڻ تي ٺِڙڪ (ڪِلڪ) ڪري اُتي پنهنجا مضمون درج ڪيو


وڌيڪ ڏسو سنواريو