وڪيپيڊيا:مضمون رچنا جادوگر/مفادن جي ٽڪراءُ بابت ھدايتون

مضمون رچنا جادوگر
مفادن جو ٽڪراءُ ۽ سنوارون
اوھان جيڪو مضمون لکو پيا، ان ماڻھو يا شئي سان اوھان ويجھا آھيو تہ ھيٺيان نقطا ڌيان ۾ رکو:


  • اوھان ڪنھن ٻي کي مضمون لکڻ لاءِ گذارش ڪري سگهو ٿا
ممڪن آھي عنوان سان ويجھڙائي ھجڻ سبب اوھان غير جانبداري سان مضمون نہ لکي سگهو، ان لاءِ اوھان ڪنھن ٻي کي مضمون لکڻ لاءِ گذارش ڪري سگهو ٿا. ھڪ اڻ ڌريو واپرائيندڙ وڌيڪ غيرجانبداري جو مظاھرو ڪندي اوھان لاءِ مضمون لکي سگهي ٿو.
  • اوھان سنوارڻ لاءِ گذارش ڪري سگهو ٿا
جيئن اوھان ڪنھن ٻي کي مضمون لکڻ جي گذارش ڪري سگهو ٿا، ائين ئي اوھان ڪنھن سنوار لاءِ پڻ گذارش ڪري سگهو ٿا، سنوارڻ جي گذارش باب وڌيڪ پڙھو: درخواست ڪيل سنوارون
  • شفافيت
جيڪڏھن ڪنھن عنوان سان اوھان جو لاڳاپو آھي تہ ان بابت کليل اظھار ڪرڻ ۾ ڪو حرج ناھي. وڪيپيڊيا ۾ ڪيترائي واپرائيندڙ آھن، جن سان اڳتي ھلي اوھان جو واسطو پوندو. پنھنجي موقف ۾ شفافيت رکڻ سبب ٻيا واپرائيندڙ اوھان جي وڌيڪ سٺي نموني مدد ڪري سگهندا.