وڪيپيڊيا:سنڌي وڪيپيڊيا تي سنڌي لکت جا اصول

انٽرنيٽ جي مختلف پليٽفارمن (جن ۾ سنڌي وڪيپيڊيا بہ شامل آھي) تي سنڌي لکت ۾ ڪافي مونجهارا رھن ٿا ان ڪري اھو ضروري سمجهيو وڃي ٿو تہ لکندڙن جي رهنمائيءَ لاءِ ڪجهہ اصول بيان ڪيا وڃن.

پوري دم (.) ۽ ٿوري دم (،) جو اصول سنواريو

  • سنڌي لکت ۾ فل اسٽاپ يا پورو دم ھڪ ٽٻڪي . وارو استعمال ڪيو ويندو آھي. پر ڪجهہ ماڻھو بي خبري ۾ اردو جو مختصر ليڪ وارو فل اسٽاپ لکن ٿا. تنھنڪري گذارش آھي تہ ان کان پاسو ڪيو وڃي.
  • ڪاما يا ٿوري دم لاءِ عربي وارو ابتو ٿورو دم ، انٽرنيٽ يا ڊجيٽل پليٽفارمن تي استعمال ڪيو وڃي ٿو. البتہ لکت ۾ سڌو ڪاما ڏنل ھوندو آھي. مسئلو اھو آھي تہ سڌو ٿورو دم ڪنھن بہ ڪيبورڊ ۾ ڏنل ناھي، تنھنڪري ھن ئي ڪاما کي استعمال ڪيو وڃي. ڪجهہ ماڻھو ھن ڪاما بجاءِ انگريزي وارو ڪاما ڏين ٿا جيڪو بنھ نٿو ٺھي.

ھ جا مختلف استعمال سنواريو

آنلائين يا ڊجيٽل لکت ۾ ھ جو استعمال وڏي مونجهاري جو سبب رھيو آھي. ان مونجهاري کي فلحال تائين ختم ڪرڻ ڏکيو آھي. البتہ ھتي ڪجهہ اصول بيان ڪجن ٿا.

اوسرڳي جڳھن تي استعمال سنواريو

جن لفظن ۾ ھ جو آواز چٽو نڪري ٿو اتي ھي ھ استعمال ڪئي وڃي.

  • مثال: جھاز، مھل

وسرڳي جڳھن تي استعمال سنواريو

  • جن ھنڌن تي ھ جو آواز وسرڳ وارو نڪري ٿو اتي ھ جو استعمال ڪيو وڃي، جھڙوڪ: ڪجهہ، جهرڪي، گهوڙو وغيرہ
  • جهہ ۽ گهہ کان علاوہ ٻيا بہ ھ سان وسرڳي آواز آھن جيئن ڙھ — ڏاڙھون (ھن کي ان شڪل ۾ ئي استعمال ڪيو ويندو)، لهہ — ملهہ، ڻهہ — پڻهين، وھ — اوھان (اھا ئي شڪل رھندي)، نهہ ٻانهون، ڪارنهن، ڏھ — چوڏھون (اھا ئي شڪل رھندي)، رھ — ورھاڱو (شڪل ساڳي رھندي) ۽ ڳهہ — ماڳهين.

اڻي طور سنواريو

  • بہ، تہ، نہ ۾ اردو جي ہ آخر ۾ ھنئي وڃي. اڪثر لکندڙ انھن لفظن ۾ ھي ـه ھڻن ٿا، جيڪو نہ ڪرڻ گهرجي، ڇو تہ عام لکت ۾ اھا شڪل استعمال ۾ ناھي. ڪجهہ لکندڙ ھنن سان سڌي ليڪ (ـ) [مثال: تـ، بـ، نـ] ھڻندا آھن، ايئن ڪرڻ درست نہ آھي.
  • مٿيون اصول البتہ، ھميشہ، سواليہ وغيرہ جھڙن لفظن تي بہ لاڳو ٿئي ٿو.

ـه طور استعمال سنواريو

  • الله، عليه، اله وغيرہ جھڙن لفظن ۾ مٿي ڏنل ھ جي شڪل استعمال ڪئي وڃي.

ئ جو استعمال سنواريو

ڪجهہ لکندڙ ڪيترائي، ڪئي، ھلائي وغيرہ جھڙا لفظ لکڻ مھل مھل ئ کان پوءِ ي ناھن ڏيندا، جيڪو غلط آھي، ان کان پاسو ڪيو وڃي ۽ ٻئي اکر لکي اھڙا لفظ جوڙيا وڃن.

انگن جو استعمال سنواريو

عام لکت ۾ انگريزي انگ 1، 2، 3... استعمال ڪيا وڃن تہ بھتر آھي، سنڌي انگن ۱، ۲، ۳... جي استعمال تي پابندي ناھي، البتہ اھي عام لکت ۾ ايترو مروج ناھن.

سوال جي نشاني سنواريو

سوال جي نشاني بہ سنڌي واري ؟ استعمال ڪئي وڃي، انگريزي يا ابتي نشاني نہ ڏني وڃي.

اميد ڪجي ٿي تہ ھي اصول لکندڙ کي سندن سنڌي وڪيپيڊيا تي ڪم ڪرڻ ۾ مدد ڏيندا.