وڪيپيڊيا:جادوگر تخليق مضمون/عمومي معروفيت

مرڪوٽ يا عمرڪوٽ

       هن وقت سنڌ جي اسڪولن ۾ جيڪي تاريخون پڙهايون وڃن ٿيون تن ۾ ائين لکيل آهي تہ ” امرڪوٽ جو شهر عمر سومري وسائي، ڪوٽ ٺهرائي، ان ۾ مارئي کي ملير مان آڻي ويهاريو هو. انهي ڪري عام طرح سنڌ ۾ عمرڪوٽ ”ع“ سان لکڻ ۽ عمر سومري جو وسايل وسهڻ جو رواج ٿي ويو آهي پر ائين ڪونهي هتي ڪجه دليل پيش ڪجن ٿا جن سان ثابت ٿيندو تہ امرڪوٽ عمر سومري نہ اڏايو هو.
  عمر سومرو ٻيو سومرن جو ستروهون حاڪم، سنہ 1355ع کان 1390ع تائين حڪمران هو مگر امرڪوٽ جو ذڪر انهي کان گهڻو اڳي جو آهي جيئن؛
      وڪرمي سنبت 1054 = 997 عيسوي ۾ مارواڙ جي راجا ڌرڻي براھ، مارواڙ جي نون ڪوٽن جي ورهاست پنهنجي نون پٽن ۾ ڪرڻ وقت ڍاٽ (امرڪوٽ) سندس پٽ جوگراج کي ڏنو.
      ‎سن 1020ع ۾ جاسل کي ڇڏائڻ لاءَ نوگهن امرڪوٽ   تي ڪاھ ڪئي  
     ( ‎تاريخ ڪاٺياواڙ وليم ولبر فورس بيل صاحب )
       سوڍي راجديو سنہ 1226ع ۾ امرڪوٽ سومرن کان هٿ ڪيو سنڌ گزيٽيئر بي وليوم صفحو 46
    سنہ 1219ع ۾ جيسلمير جي راجا چاچڪ ديو پهرئين راڻا روپسنگ تي ڪاھيو هو ان وقت راڻا روپسنگ پنهنجي راڄڌاني ڇڏي امرڪوٽ تي اچي اجهو ورتو هو (وقائع راجستان اردو ڀاڱو پهريون ٻيو صفحو 93 مصبف مولوي حڪيم نجم الغني)
    ‎مٿيان واقعا عمر سومري جي حڪومت (1355ع - 1390 کان آڳاٽا آهن جنهن مان سمجهجي ٿو تہ امرڪوٽ جو شهر عمر سومري کان آڳاٽو هو
 حڪيم مولوي نجم الغني صاحب ( وقائع راجستان) اردو ۾ لکي ٿو تہ ´ پرمار سومرن جون 9 حڪومتون ۽ 14 تخت گاھ هئا جن مان ڪي شهر هنن تعمير ڪرايا ۽ امرڪوٽ ” اومرھ “ سومري ٻڌايو هو (صفحو 48 - 52
 ‎
 ‎مولائي شيدائي جي لکڻ موجن اڪبر اعظم جي زماني تائين امرڪوٽ الف سان لکيو ويندو هو پوءِ مسلمان مورخن  جي خوش فهمي ڪري ڦري عمرڪوٽ ٿيو اڄ تائين ڪيترا فاصل ليکڪ امرڪوٽ الف سان لکن ٿا ۽ عمر شومري جو اڏايل شهر سڏين ٿا.

ليکڪ سلمان سنڌي ٿرپارڪر