وڪيپيڊيا:بهترين مضمون/2019/مهينو مارچ

جان سڊني مڪين ھڪ آمريڪي سياستدان ۽ آمريڪي بحريہ جو آفيسر ھيو. آمريڪا جي رياست ايرزونا مان 1987 کان پنھنجي وفات 25 آگسٽ 2018ع تائين آمريڪي سينيٽر رھيو. ان کان اڳ ٻہ دفعا آمريڪي ھائوس آف ريپريزنٽيٽوز جو ميمبر پڻ رهيو. 2008 جي صدارتي اليڪشن ۾ آمريڪا جي ريپبلڪن پارٽي جو صدارتي اميدوار پڻ ھيو پر براڪ اوباما کان اليڪشن ھارائي ويو. جان مڪين 29 آگسٽ 1936 ۾ پاناما ۾ پاناما ڪئنال واري زون ۾ واقع آمريڪا جي نيول ايئر بيس ڪوڪو سولو ۾ پيدا ٿيو.ھن پنھنجي پيء ۽ ڏاڏي وانگر آمريڪا جي نيول اڪيڊمي مان 1958 ۾ گريجوئيشن ڪئي. سندس پيء جان ايس مڪين جونيئر ۽ ڏاڏو کان ايس مڪين سينيئر آمريڪي بحريہ ۾ ايڊمرل رھي چڪا هئا. 2017 ۾ مڪين دماغي ڪينسر ۾ مبتلا ٿي ويو ۽ ان بيماري جي ڪري 81 سالن جي عمر ۾ 25 آگسٽ 2018 تي وفات ڪري ويو.