وچ ايشيا وارو نظريو

انسان ذات جو پهريون ماڳ اتر قطب هو. قديم ڪليٽڪ قومن جي ڏند ڪٿائن مان پروفيسر راهز (Professor Rhys) کي به ائين سمجهڻ ۾ آيو ته انهن قومن جا ابا ڏاڏا اصل اتر قطب طرف رهندا هئا. اها ڳالهه پنهنجن ”هبرٽ ليڪچرس“ ۾ ڄاڻايائين. وچ ايشيا واري نظريي کي پڇاڙيءَ وارو ڌڪ لوڪمانيا بال گنگا ڌرم تلڪ هنيو. اسان جي هن ڏيهي عالم ڪيتريون جيالاجيڪل ۽ آرڪيالاجيڪل ثابتيون، ۽ هندن جي ويدن، اتهاسن ۽ پراڻن مان، ۽ پارسين جي زنداوستا مان ڪيترا حوالا ڏيئي، پنهنجي ڪتاب آرڪٽڪ هوم (Arctic Home in the Vedas) ۾ لکيو ته پراڻن پٽاندر آڳاٽا لوڪ ميرو پربت تي رهندا هئا، جو اتر قطب ڏي هو.

مصر ملڪ ۽ الهندي ايشيا ۾ آرين جون بيٺڪون: تاريخ جون کوجنائون اڃان هليون پئي ته مصر ملڪ ۽ ڪريٽ (Crete) ۾ ويجهڙائيءَ ۾ الهندي ايشيا ۾، کوجنائون ڪري، آرڪيالاجيڪل کاتي وارن تاريخ کان اڳ جي زماني تي هڪ نئين روشني وڌي. مصر طرف نيل نديءَ جي نزديڪ تل ال امرنا (Tel-el-Amarna) مان ڪي ڪاغذ پٽ 1880ع ۾ لڌا. انهيءَ جهوني دفتر مان معلوم ٿيو ته مصر جا فرعون ۽ مٽني (الهندي ايشيا طرف) جا راجائون هڪ ٻئي کي سڱ ڏيندا هئا. مٽنيءَ جي ڪن راجائن جا نالا ئي ساڳيا اهي هئا، جي قديم آرين جا هئا: مثال طور، مٽنيءَ جي هڪ راجا جو نالو دشرت (Dusratha) هو، ۽ اهو ساڳيو نالو سري رامچندر جي پيءُ راجا دسرٿ جو هو. انهيءَ راجا دشرت پنهنجي هڪ نياڻي مصر ملڪ جي بادشاهه امينوفس چوٿين (Amenophis IV) سان پرڻائي، جنهن کي مٽنيءَ جي انهيءَ راجڪماريءَ مان گلو کپ (Gilukhip) نالي پٽ ڄائو، جو پوءِ وڏي هوندي مصر ملڪ جون جهونيون ريتون رسمون ڇڏي، سورج ديوتا جو پوڄاري ٿيو.[1][2][3][4][5]

حوالا سنواريو

  1. قديم سنڌ (ڀيرومل مھرچند آڏواڻي) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2020-10-29 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2017-03-12 
  2. Paradise Found or the Cradle of the Human Race at the North Pole
  3. Rhys: Hibbert Lectureres, p. 673
  4. "Even on strict philological grounds the theory of the primitive Aryan home in Central Asia has been now almost abandoned in favour of Nort Germany or Scandianavia." Sjt. B.G. Tilok The Archtic Home in Vedas, preface, p. viii
  5. ڪتاب: قديم سنڌ، ليکڪ: ڀيرومل مھرچند آڏواڻي

[[زمرو:مذهب]