وچ- وچ ۾ ايندڙ، وچ واري بينڪ يا درمياني بينڪ (انگريزي: Intermediary Bank ) جڏھن ڪابہ بينڪ ڪنھن ٽين ڌر طور ڪم سرانجام ڏئي ۽ تجارت لاء راھ ھموار ڪري يا ڪنھن ونھوار لاء سھولتون فراهم ڪري تہ ان کي وساطي يا وچ واري بينڪ سڏيو ويندو آهي[1]. مثال طور پرڏيهي تجارت ۾ جڏهن رقم جاري ڪندڙ بينڪ ۽ رقم وصول ڪندڙ بئنڪ ۾ مراسلاتي تعلق نہ ھوندو آھي تہ ان صورت ۾ ڪا ٽين ڌر طور ڪم ڪندڙ بينڪ ھڪ درمياني بينڪ طور گراھڪ جي ترجيح تي ڪم ڪندي آهي[1]. اھڙي بينڪ جيڪا مٽ سٽ واري ڏي وٺ ڪري ان کي پڻ وسطي بينڪ سڏين ٿا. مثال طور فيس جي بنياد تي وياج جي شرح واري مٽ سٽ يا ڪرنسي واري مٽ سٽ. اھڙي بينڪ جيڪا فنڊ فراهم ڪرڻ ۽ فنڊ جو استعمال ڪرڻ وارن وچ ۾ وساطت يا درمياني رابطي يا وسيلي جو ڪردار ادا ڪري ان کي وسطي بينڪ سڏين ٿا[1].

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 1.2 [Glossary, Banking and Finance; ;2nd edition; By: Shakil Farooqi; page: 460 and 461;State Bank of Pakistan; Sponsers: Institute of Bankers, Pakistan; National Institute of Banking and Finance; Lahore School of Economics and Institute of Management Sciences; Hamdard University ]