وچولو طبقو يا مڊل ڪلاس (انگريزي ٻولي: Middle Class)، ڪنھن به قوم جو ھڪ متحرڪ ۽ باعمل طبقو ٿي ٿو، جيڪو سياسي سرگرمين، ثقافتي ھلچل ۽ معاشي ميدان ۾ نيون نيون راھون پيدا ڪرڻ ۽ جامد (بيٺل) معاشري کي اڳتي وڌائڻ لاءِ سدائين جاکوڙ ۾ رھندو آھي. ھن طبقي جي ھڪڙي خاص ڳالهه نقل ڪرڻ آهي. زندگيءَ جي ھر شعبي ۾، رھڻي ڪھڻيءَ جي سلسلي ۾ هي طبقو سدائين مٿئين طبقي يا حاڪم قوت ڏانھن واجھائيندو آھي. پر ان سان گڏ اھو طبقو مٿئين طبقي يا حاڪم قوت جي ڀيٽ ۾ پاڻ کي مايوسين ۽ محرومين جو شڪار وڌيڪ سمجھندو آھي ۽ اُھا مايوسي ۽ محرومي ئي ھوندي آھي، جيڪا کين سياسي شعور جي لَھر، سرگرمي ۽ نظرين ڏانھن ڇڪي کيس سماجي تبديليءَ واري عمل ۾ ھڪ حد تائين سرگرم بڻائيندي آھي. [1]


  1. سنڌي سماج جو جائزو (عبدالواحد آريسر) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2017-09-12 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-07-30