ويڳاڻپ

Wikipedia:سلجھائپ

ويڳاڻپ يا ايلينيشن (Alienation) کي قانوني اصطلاح ۾ لفظ جي معنيٰ، ملڪيت ۾ پنهنجو حصو يا حق ڇڏي ڏيڻ آهي، جڏهن ته سياسي اصطلاح ۾ ان جي معنيٰ ٿيندي ته اهي حق، جيڪي کسي نٿا سگهجن يا ڪنهن به جائز طريقي سان واپس و‎ٺي نه ٿا سگهجن. بين الاقوامي لاڳاپن ۾ جيڪڏهن ڪو مُلڪ ڪن به سببن جي ڪري، علائقائي ۽ عالمي فورمن تي سرگرميءَ سان حصو نه وٺي يا ڪن طاقتن طرفان کيس اهڙي شرڪت کان ٻاهر رکيو وڃي، ته ان کي به هن اصطلاح ذريعي بيان ڪيو ويندو. ”لاڪربي“ جي جهاز ڪيرائڻ واري معاملي تي عالمي برادريءَ طرفان ليبيا کي اڪيلو ڪرڻ يا آمريڪا طرفان عراق ۽ بوسنيا جي بُحرانن دوران اُتان جي حاڪمن کي اڪيلو ڪرڻ واري حڪمت عملي به هن قسم جي صورتحال کي واضح ڪري ٿي. هن لفظ جو استعمال اسان کي يورپي ڏاهن ڪارل مارڪس، هيگل ۽ ياڪ روسو جي تعليم ۾ ملي ٿو. مارڪس پنهنجي فڪر ۾ پورهيت طبقي جي حقن تي مُوڙي وندن طرفان لڳندڙ ڌاڙي کي نروار ڪندي چيو آهي، ته اهڙي ڌاڙي جي نتيجي ۾ پورهيت طبقو پنهنجي سرجيل شئيءَ کان الڳ ٿي نفسياتي طور تي ويڳاڻو ٿي وڃي ٿو. سندس اها چوڻي وقت گذرندي اها ڪيفيت پورهيت انقلاب لاءِ پيڙهه جو پٿر بڻجي پئي ٿي.[1]دوست، ساٿين، مائٽن، رشتيدارن، معاشري وغيره کان ڌاريپ اختيار ڪرڻ. هيءَ هڪ نفسياتي ڪيفيت هوندي آهي، جڏهن ڪو فرد پاڻ کي ان لائق نه سمجهندو آهي ته هو معاشري ۾ ڪو ڪردار ادا ڪري سگهندو. ادبي دنيا ۾ خاص طور تي وجودي فڪري لکڻين ۾ هن قسم جا ڪردار ائبسرڊ ناٽڪ ۾ وجودي فڪر ناول ۽ ڪهاڻين ۾ هن فلسفي جي نمائندگي ڪندا نظر ايندا آهن. [2]

حوالا سنواريو

  1. سنڌي آنلائين ڊڪشنري[مئل ڳنڍڻو] پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد
  2. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي