وينڊو:

وينڊي جو رواج اڃا به ڇپر جي زالن ۾ آهي. هونءَ به ڇپر جون زالون سدائين ڳهن سان سٿيون پيون هونديون آهن. جي ڪا شادي هجي ته پوءِ ڳهن تي ڳهه. ڇپر جي زالن جون نٿون، دهريون، وڏيون ۽ انهن ۾ ڏانوڻيون اهڙيون ته ٿلهيون ٿينديون آهن، جو نٿ واري پاسي واري اک کان ڏسڻ ئي بس. جيسين ڏانوڻي پري نه ڪجي، تيسين انهيءَ اک سان نظر نه پوندي، ۽ وري انهن تي موتين ۽ زريءَ جو ڪم به عاليشان ٿيل هوندو آهي.[1]

حوالا سنواريو

  1. {ڪتاب: سنڌ جي مدنيت؛ از:سيد منظور نقوي ؛ ٻيون ايڊيشن 1978، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو [http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book22/Book_page 3.html http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book22/Book_page 3.html] Check |url= value (مدد).  line feed character in |url= at position 67 (مدد); Missing or empty |title= (مدد)}