ويلڻ ماني پچائڻ جو ٽپڙ آھي. ڳوھيل اٽي، ميدي، وغيرہ کي گول يا چڪور سائز ۾ پکيڙڻ جي لاءِ عام طور تي ڪاٺي جو ھڪ گول ڊگھو ويلڻ شڪل جو ٽپڙ ھوندو آھي جنھن جا ٻئي گول ڇيڙا سنھڙا ھوندا آھن ۽ وچ ۾ گھڻو ٿلھو ھوندو آھي انکي ويلڻ چيو ويندو آھي.

ويلڻ

ويلڻ صدين کان گھرن ۾ استعمال ٿيندو پيو اچي. بورچي خاني ۾ استعمال ٿيڻ واريون ڪيتريون ئي شيون ختم ٿي ويون پر ويلڻ جو ڪو متبادل ھاڻي تائين ڪونہ گولھجي سگھيو آھي. مانيون پچائڻ واري مشين جيتوڻيڪ ايجاد ٿي چڪي آھي پر گھريلو سطح تي ان جو استعمال نہ ھجڻ جي برابر آھي. جنھن سبب اڄ بہ ويلڻ جي اھميت انھي طرح برقرار آھي. ھڪ زماني ۾ صرف ڪاٺي جا ويلڻ استعمال ٿيندا ھيا، وري پوءِ سنگ مرمر جا ويلڻ بورچي خانن ۾ نظر اچڻ لڳا. ھن فائديمند آلي ۾ تازي تبديلي ان جي سطح تي ڪڍيل نقش ۽ نگار آھن. روايتي سادي ويلڻ سان پَيڙَي کي ويڙھي ڪري ماني جي شڪل ڏني ويندي آھي. پر جيڪڏھن توھان سھڻا بسڪٽ، پوريون، ڪچوريون وغيرہ ٺاھڻ چاھيو تہ پوءِ اھو ويلڻ وٺي اچو جنھن تي مختلف نقش ۽ نگار کوٽل ھوندا آھن. ان ۾ گل ٻوٽا وغيرہ مختلف جانورن ۽ چورس، ٽڪنڊ، گون وغيرہ جا نقش ۽ نگار شامل آھن. ان کان سواءِ فرمائشي ويلڻ بہ ٺھرائي سگھجن ٿا جن تي منشا موجب تصوير، نقش ۽ نگار يا نالا لکرائي سگھجن ٿا. انھن کي استعمال اھڙي طرح ڪيو ويندو آھي تہ پھريان عام ويلڻ سان پيڙي کي سڌو ڪري ان جي مٿا ھڪ ڀيرو ھي ويلڻ ڦيريو ويندو آھي.

استعمال سنواريو

ويلڻ عام طور تي ماني، پراٺي، پوري ۽ پيڙي وغيرھ ويلڻ جي ڪم ايندو آھي ان جي ڪري ئي تہ ھي بورچي خاني جي زينت آھي.

ويلڻ جي جوڙجڪ سنواريو

عام طور تي ويلڻ ڪاٺي جو ھوندو آھي پر دور جديد ۾ ھي پتر جو بہ ٺھڻ لڳو آھي. ھي گول ۽ ڊگھي (ويلڻ [شڪل] جھڙو) ھوندو آھي.

ننڍي کنڊ ۾ سنڌي ٻولي ۾ ان کي ويلڻ ۽ ويلڻو چيو ويندو آھي.

بنا ويلڻ جي ماني گول نٿي ويلي سگھجي.[1]

ويلڻ جي اھميت ۽ فائدو سنواريو

ويلڻ قديم زماني کان ماني پچائڻ جو ھڪ اھڙو ٽپڙ آھي جيڪو بورچي خاني جي سڀ کان اھم ۽ ضروري شين ۾ شمار ٿيندو آھي. جديد دور جي سائنسي ايجادن جتي ڪيترين ئي شين کان انسان کي بي نياز ڪري ڇڏيو آھي اتي بورچي خاني ۾ بہ ڪيتريون ئي تبديليون ٿيون آھن پر ان جي باوجود ھاڻي تائيڻ ويلڻ جو بھتر بدل نہ ڳولھجي سگھيو آھي جيتوڻيڪ اٽو ڳوھڻ کان وٺي ماني ويلڻ ۽ پچائڻ تائين جون مشينون مارڪيٽ ۾ اچي ويون آھن پر پوءِ بہ بورچي خاني جي ھن اھم ٽپڙ کي بورچي خاني مان بي دخل نہ ڪري سگھيو ويو آھي.

حوالا سنواريو

  1. Heloise's Kitchen Hints by Heloise, Prentice-Hall, 1963