ويرناٿ (انگريزي:Veer Nath)  جو تاريخي ماڳ سنڌ جي دادو ضلعو جي خيرپور ناٿن شاه تعلقو جي شهر خيرپور ناٿن شاھ کان ڏکڻ طرف ڳوٺ ٻورڙِي واري رستي سان اٽڪل 5 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي واقع آهي.

تاريخي تفصيل

سنواريو

ويرناٿ ماڳ ويجهو ويرل ڳوٺ پڻ آهي. ويرناٿ ۾ لفظ ”ناٿ“ جي پڇاڙي منجهان لڳي ٿو تہ ويرناٿ جو لاڳاپو گرو گورکناٿ جي ناٿ پنٿ سان هو. اهو بہ ممڪن آهي ته وير ناٿ يوڳي هجي۽ ان ڳوٺ ويجهو يا خود اهو ڳوٺ ويرناٿ يوڳي جي چِلي گاھ هجي ۽ وٽس سندس ناٿ پنٿ سلسلي جا پوئلڳ يوڳي بہ ايندا هجن ۽ رهندا هجن. بعد ۾ اهو ماڳ ڳوٺ ويرناٿ ۽ پوءِ ويرل سڏيو ويو هجي. هاڻ هن ڳوٺ ۾ آرائين قبيلي جا ماڻهو رهن ٿا.  ويرٿاٿ يا ماڳ بابت پروفيسر محمد ابراهيم جتوئي ڪجهه رهنمائي ڪري ٿو. پروفيسر جتوئي گورنمينٽ ڊگري ڪاليج خيرپور ناٿن شاھ جي مئگزين جي 2003ع ۾ ڇپيل پرچي ۾ لکي ٿو تہ،” هتي ڀزرگ ويرناٿ جو مقبرو آهي. برطانوي دور حڪومت ۾ مقبرو هندو برادري جي هٿ هيٺ هو ۽ ان جي سار سنڀار هندو برادري جا ماڻهو ئي ڪندا هئا. ويرناٿ ڪڏهن ڄائو ۽ ڪڏهن وفات ڪري ويو ان بابت ڪا ڄاڻ نہ ٿي ملي. هن جو مڪمل نالو شِري وير يوڳي يا جوڳي ناٿ هو. هندن هت مندر جوڙايو هو. ورهاڱي کان اڳ مندر جي سنڀار لاءِ گنگاناٿ، جمناناٿ ۽ بيجاناٿ نالي هندو مقرر ٿيل هئا. بيجاناٿ انهن جو اڳواڻ هو“. پروفيسر جتوئي صاحب ناٿ پنٿ جي هندن جي مندر جوڙائڻ جي ڳالھ ڪئي آهي پر مندر ڪٿي ۽ بزرگ ويرناٿ جي مقبري جي ڪهڙي طرف هو سا وضاحت نہ ڪئي اٿائين ۽ نڪي اُن مندر جي آثارن جو ذڪر ڪيو اٿائين. وڏي ڳالھ ته ناٿ پنٿ وارن جو مندر ئي نه ٿيندو آهي. جنهن مقڀري جو ذڪر ڪيو اٿائين سو شايد سماڌي مٿان مڙهي ئي آهي. تاريخدان ۽ ليکڪ عزيز ڪنگراڻي ان راءِ جو آهي[1] ته ويرناٿ يوڳي يا جوڳي گرو گورکناٿ جو پوئلڳ ۽ خود بہ ناٿ سلسلي جو مها يوڳي هو. ممڪن آهي ته اتي چلو ڪاٽيائون ۽ وفات ڪيائين ۽ کيس سماڌي ۾ دفن ڪيو ويو. جنهن مقبري جو ذڪر پروفيسر جتوئي صاحب ڪري ٿو سو وير ناٿ يا وير جوڳيناٿ جي پوئلڳن پاران  سندس وفات کان پوءِ سندس سماڌي (قبر نما) مٿان جوڙايل مڙهي لڳي ٿي. مڙهي يوڳين جي سماڌي مٿان تعمير ٿيل مقبري نما تعمير کي سڏبو آهي جيڪا پوءِ ويرناٿ جي مندر يا مزار طور مشهور ٿي ۽ هاڻ تہ ويرل شاھ جي مزار سڏجڻ شروع ٿي وئي آهي. پروفيسر جتوئي طرفان ڄاڻايل گنگاناٿ، جمناناٿ ۽ بيجاناٿ نالا بہ تصديق ڪن ٿا تہ ويرناٿ وانگر خيرپور ناٿن شاھ جو علائقو ناٿ پنٿ يا سلسلي جي يوڳين يا جوڳين جو ڳڙھ هوندو جن جو گرو گورکناٿ پنٿ سان تعلق هوندو. خود ناٿن شاھ بہ ان سلسلي جي ڪڙي ۾ جُڙيل لڳي ٿو. ڇاڪاڻ تہ منهنجي ڄاڻ موجب ناٿ پنٿ جا آثار سنڌ ۾ ٿر کان پوءِ خيرپور ناٿن شاھ شهر وٽ ئي ملن ٿا. تاريخي طور ڄاڻايل آهي ته جن جاين تي گرو گورکناٿ ويهي چِلا ڪاٽيا انهن جاين تي ناٿ پنٿ جي جوڳين طرفان مڙهيون جوڙايون ويون هيون جيڪي اڄ بہ دنيا ۾ موجود آهن.  تاريخي طور ناٿ سلسلي جي يوڳين جو نہ مندر آهي ۽ نہ دنيا ۾ ڪٿي سندن قبر آهي. ها البت قبرن نما سندن سماڌيون ملن ٿيون ۽ مقبري نما مڙهيون ٿيڻ ٿيون. . ناٿ پنٿ جي يوگين جون قبر نما سماڌيون ئي سڏجن ٿيون. گمان غالب آهي ته شري وير يوڳيناٿ عرف عام ويرناٿ خود مها يوڳي هو جنهن جتر يوڳ ۾ وفات ڪئي، اتي ئي سندس پوئلڳن پاران سندس سماڌي مٿان مڙهي تعمير ڪرائي جنهن کي مقبرو ۽ سماڌي کي قبر سمجهيو ويو. لڳي ٿو هن ناٿ پنٿ يا سلسلي جو هندو اوتار شِوَ سان بہ تعلق هو. ناٿ پنٿ يا سلسلي جا يوڳي هڪ هنڌ نہ ٽڪنڊا هئا. اهي جهرجهنگ، پاڻي جي ڪنارن، چشمن، جبلن جي چوٽين ۽ ويرانن ۾ تپسيا ۾ ويهندا هئا. يوڳين جا پورب کان پڇم ويندي سنڌ مان سندن ٽي رستا عام هئا. هڪ دادو ضلعي جي تعلقي جوهي جي ڪاڇي واري علائقي جي تاريخي شهر ٽنڊو رحيم خان کان لوهي، دُريجي، لاهوت لامڪان کان هنگلاج. ٻيو سيوهڻ کان نئيگ، نغاول، دريجي، لاهوت لامڪان کان هنگلاج ۽ ٽيون گنجي ٽڪر کان مڪلي ۽ ڪانڀو، ڪارو، پٻ، حب، وندر کان هنگلاج وارو رستو هو. هن پوئين رستي کي لطيف بہ ڳاتو آهي.  بهرحال تمام ٿورڙائي ۾ هندو مردا دفن ڪندا آهن نہ تہ هندو ڌرم وارا اڪثريت سان مُردو دفن نہ ڪندا آهن. ائين ناٿ پنٿ وارن ڪٿي بہ گرو گورکناٿ يا ڪنهن مها يوڳي جي چلي واري جاءِ تي قبر نہ جوڙائي آهي. انهن يا تہ گرو گورکناٿ جي چلي وارين جاين تي مندر نما اڏاوتون کڙيون ڪيون جنهن ۾ سماڌي ناهي. باقي ناٿ پنٿ يا سلسلي وارن گرو گورکناٿ جي ڪنهن مها يوڳي جي سماڌي مٿان مقبري جهڙي تعمير کڙي ڪرڻ جو تاريخ ۾ ذڪر ملي ٿو. ناٿ پنٿ هندستان، نيپال، سنڌ، پنجاب، بلوچستان ويندي افغانستان تائين وڏي پئماني تي تي پکڙيو. دنيا ۾ اڄ به ناٿ پنٿ موجود آهي. ويرناٿ جي حوالي سان محقق ان راءِجا آهن  ته شري وير جوڳي يا يوڳي جي سماڌي مٿان تعمير ٿيل مڙهي آهي جيڪا مقامي طور ويرناٿ مندر ۽ هاڻ ويرل شاھ جي مزار طور مشهور آهي ۽ ساڻس انيڪ ڏند ڪٿائون ڳنڍيون ويون آهن. هت آڳاٽي زماني کان ميلو پڻ لڳندو آهي. چئي سگهجي ٿو ته تاريخي طور ويرناٿ جو ماڳ 17 صدي عيسوي تائين ناٿ پنٿ جي يوگين جو مرڪز رهيو هوندو. بهرحال ويرناٿ جو ماڳ سنڌ جو منفرد تاريخي ماڳ ۽ ثقافتي ورثو آهي.[2][3]

  1. "Veernath: A unique historical place of Sindh". Sindh Courier. حاصل ڪيل 2022-03-02. 
  2. "New Page 1". www.thekawish.com. حاصل ڪيل 2022-03-01. 
  3. Src='https://Secure.gravatar.com/Avatar/E4684b760dfef905b81d3c8879166b83?s=250, <img Alt=; #038;d=mm; Srcset='https://Secure.gravatar.com/Avatar/E4684b760dfef905b81d3c8879166b83?s=500, #038;r=g'; #038;d=mm; کنگرانی, #038;r=g 2x' Class='avatar Avatar-250 Photo' Height='250' Width='250' /> عزیز. "ویرناتھ: سندھ کا منفرد تاریخی مقام". ہم سب (ٻولي ۾ Urdu). حاصل ڪيل 2022-03-01.