وھاڙي ضلعو(انگريزي: Vehari District) پاڪستان جي صوبي پنجاب جو هڪ ضلعو جنھن جو صدر مقام وھاڙي شھر آھي. ھي ضلعو انتظامي طور تي ٽن تحصيلن ۾ ورھايل آھي جن ۾ وھاڙي تحصيل، ميلسي تحصيل ۽ بوري والا تحصيل شامل آهن.[3] ان کان علاوه ھن ضلعي جون ٽي سب تحصيلون پڻ آھن جن ۾ گگو سب تحصيل، ڪرم پور سب تحصيل ۽ جلاھ جيم سب تحصيل شامل آهن. ھن ضلعي جو قيام پھرين جولائي 1976 ۾ ٿيو. ان کان آڳ ھي ٽئي تحصيلون ملتان ضلعي جو حصو ھيون جن کي ڌار ڪري نئون ضلعو ٺاھي وھاڙي شھر کي ان جو صدر مقام بڻايو ويو. ھي ضلعو ستلج ندي جي ساڄي ڪپ تي واقع آھي جيڪا ھن ضلعي جي ڏکڻ واري حد تي واقع آھي. ھن ضلعي جي مکيه ٻولي پنجابي آهي جيڪا 83 سيڪڙو ماڻهن جي مادري زبان آهي. 11 سيڪڙو ماڻهن جي مادري زبان سرائيڪي ۽ 5 سيڪڙو جي اردو آهي.

وھاڙي ضلعو
ضلعو
Vehari District
پنجاب صوبي ۾ وھاڙي ضلعو نمايان ڪيل
پنجاب صوبي ۾ وھاڙي ضلعو نمايان ڪيل
ملڪ پاڪستان
صوبو پنجاب، پاڪستان
صدر مقام وھاڙي شھر
پکيڙ[1]:1
 • ڪل 4,364 ڪ.م2 (1,685 ميل2)
آبادي (2017)[2]
 • ڪل 2,897,446

حوالا سنواريو

  1. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named 1998census
  2. "DISTRICT WISE CENSUS RESULTS CENSUS 2017" (PDF). www.pbscensus.gov.pk. وقت 2017-08-29 تي اصل (PDF) کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2017-11-06. 
  3. Tehsils & Unions in the District of Vehari - Government of Pakistan آرڪائيو ڪيا ويا 2012-08-05 at Archive.is