ولي محمد
هن جو ڏاڏو، ميان محمد احسان حيدرآباد جو ويٺل هو. سندن خاندان آخوند سڏبو هو. ميان محمد احسان کي، 1830ع ۾، ميان حسن علي فرند ڄائو، جو اول ۾ڪوٽڙي پل تي، پندرهن رپين تي، ناڪي منشي هو، پر پوءِ پنهنجي محنت ۽ هوشياريءَ سان ناميارو وڪيل ٿيو. چڱو پئسو ۽ ملڪيت گڏ ڪيائين ،ڪراچيءَ واري سنڌ مدرسي جو بنياد وجهي، ان کي بهترين درسگاهه بڻايائين، ترڪن جي روس سان جنگ جي زماني ۾ چندا ڪري، وفد وٺي، ترڪيءَ ويو، جنهن خدمت جي عيوض ترڪيءَ جي سلطان کان ”آفندي“ جو خطاب حاصل ڪيائين، ڪلڪتي جي ”محمدن ايسوسيئيشن“ جي شاخ، سنڌ ۾،سنڌ محمدن ايسوسيئيشن جي نالي سان قائم ڪيائين. خان بهادر ولي محمد، ميان حسن علي جو فرزند هو. 5 ڊسمبر 1860ع تي ڄائو هو. اوائلي تعليم ڪراچيءَ ۾ ورتائين ۽ پوءِ ايلفنسٽن ڪاليج بمبئيءَ ۾، 1879ع ۾ داخل ٿي، 1882ع ۾ بي. اي جي ڊگري ورتائين. 1883ع ۾ تعليم کاتي جي نوڪريءَ ۾ گهڙيو. پهريائين کيس حيدرآباد ۾ ڊپٽي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر ڪري رکيائون. 1885ع ۾ سندس والد ڪراچيءَ ۾سنڌ مدرسو قائم ڪيو، جنهن جو مارڪئس آف ڊفرن افتتاح ڪيو هو. اول ۾ ان جو پرنسپال هڪ پنجابي مسلمان هو. ان جي وڃڻ بعد، ٻن سالن کان پوءِ هن کي ان جاءِ تي مقرر ڪيائون، جتي 1887ع کان 1897ع تائين، ڏهه سال مدرسي کي زور وٺائڻ لاءِ هن هر ڪا ڪوشش ڪئي. سندس والد، ميان حسن علي آفندي، 20 آگسٽ 1895ع تي وفات ڪئي. ان کان پوءِ هن ڊگهي موڪل وٺي، وڪالت پڙهڻ شروع ڪئي ۽ 1898ع ۾ايل. ايل. بي جو امتحان پاس ڪيائين. سنڌي مسلمانن مان هي پهريون ايل. ايل.بي هو. ان بعد هن روينيو کاتي ۾ نوڪري ڪرڻ شروع ڪئي ۽ ڊپٽي ڪليڪٽر ٿي، سنڌ جي مختلف حصن ۾ نوڪري ڪري، 1915ع ۾ پينشن تي لٿو. رٽائر ٿيڻ کان پوءِ کيس ”خانبهادريءَ“ جو خطاب مليو. 1916ع ۾ کيس ڪراچيءَ ۾ فرسٽ ڪلاس اسپيشل مئجسٽريٽ ڪري رکيائون، جنهن عهدي تي 20 سال کن ڪم ڪندو رهيو. آفندي صاحب ڪراچي ميونسپالٽيءَ جو ڪيترن سالن تائين ميبر رهندو آيو. ڪجهه وقت ڪراچي ميونسپل اسڪول بورڊ جو چيئرمين به ٿي رهيو هو. ڪراچي ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ اسڪول بورڊ جو، 1926ع کان 1929ع تائين چيئرمين ٿي رهيو. انهيءَ عرصي ۾ ضلعي جي تعليم لاءِ هن گهڻو پاڻ پتوڙيو. 1897ع کان وٺي آخر تائين، سنڌ مدرسه بورڊ ۽ ان جي اسٽينڊنگ ڪاميٽيءَ تي ميمبر رهندو آيو ۽ پنهنجي والد جي قائم ڪيل اسڪول جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ ڪوشش وٺندو رهيو. رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙيءَ جي 1924ع ۾ وفات کان پوءِ، پاڻ ان جاءِ تان مرڪزي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊجي ويو ۽ ڪيترن سالن تائين ميمبر رهي، ملڪ جي خدمت ڪيائين. 1931ع ۾ ”سنڌ مسلم ايڊيوڪيشنل ڪانفرنس“ جو چيئرمين ٿي ڪم ڪيائين. ”سنڌ محمدن ايسوسيئيشن“ جو پاڻ ورهين جا ورهيه جنرل سيڪريٽري ٿي رهيو، جا جماعت سنڌ ۾ سندس والد جي برپا ڪيل هئي. بمبئي يونيورسٽيءَ جي سينيٽ جو ورهين جا ورهيه فيلو رهندو آيو. مطلب ته سندس خدمتن جو دائرو تمام وسيع هو. سندس والد وڏي ملڪيت ڇڏي ويو هو، جنهن ۾ هن اضافو ڪيو. 14 فيبروريءَ 1934ع تي سندس انتقال ٿيو. کيس ٻه فرزند ٿيا: ميان عنايت علي خان ۽ ميان حسن علي خان..[1]
حوالا
سنواريو- ↑ ڪتاب: جنب گذاريم جن سين;مصنف:جي.ايم.سيد:ايڊيشن:2004ع.ڇپيندڙ؛سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو