سري رامچندر جي ڀاءُ ڀرت جا "تڪش" ۽ "پشڪر" ٻه پٽ هئا، تن پوءِ گنڌار (قنڌار) وارو پاسو پنهنجي قبضي ڪيو. اتي سندن گاديءَ جا هنڌ سندن نالن پٺيان "تڪش سلا" ۽ "پشڪروتي" سڏجڻ ۾ آيا. انهيءَ پاسي تعليم جي واڌاري لاءِ پوءِ هڪ وڏو وشو ودياليه (يونيورسٽي) عيسوي سن کان ڇهه صديون کن اڳي، "تڪش سلا" ۾ کوليو ويو، جو سڄي هندستان ۾ برک هو. انهيءَ يونيورسٽيءَ جو ويرانو اڄ تائين راولپنڊي ضلعي ۾ آهي. انهيءَ يونيورسٽيءَ جي ويجهو ناميارو "پاڻني" مني عيسوي سن کان پنج صديون کن اڳي ڄائو هو، جنهن جو جوڙيل سنسڪرت گرامر "اشٽا ڌيائي" اڄ تائين مشهور آهي.[1]