ودياپتي(انگريزي: Vidyapati ) 1352ع ۾ پيدا ٿيو. کيس ميٿلي ٻوليءَ جو ڪوئل ڪوي پڻ سڏيندا آهن. ھي ميٿلي ۽ سنسڪرت ٻولين جو شاعر ھيو[2]. ھي موجوده بھار رياست جي مڌوبني ضلعي ۾ واقع ميٿلا واري خطي جي بسفي نالي ھڪ ڳوٺ ۾ برھمڻ گھراڻي جي شري گناپتي ٺاڪر جي گھر ۾ پيدا ٿيو. سندس نالي ۾ وديا معنيَ ڄاڻ يا علم ۽ پتي معنيَ مالڪ آھي اھڙي طرح سندس نالي جي معنيَ علم وارو ماڻھو آھي. ان جي جنم جي تاريخ بابت اڃان اختلاف آھن[3] سندس والد تيرھٽ جي حاڪم راجا گڻيشور جي درٻار جو ٻانڀڻ ھيو[3]. ودياپتي ٻہ شاديون ڪيون جن مان کيس ٽي پٽ۽ چار ڌيئر ھيون.

ودياپتي

شاعر ودياپتي جو مجسمو
پيدائش 1352ع
بسفي ( موجوده مڌوبني، بھار، انڊيا[1]
وفات 1448ع
بسفي[1]
ڌنڌو شاعر ۽ ليکڪ
ٻولي ميٿلي
قوميت ھندوستاني

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 Vidyapati تي انسائيڪلوپيڊيا برٽانيڪا
  2. Pankaj Jha (20 November 2018). A Political History of Literature: Vidyapati and the Fifteenth Century. OUP India. p. 2. ISBN 978-0-19-909535-3. https://books.google.com/books?id=8xl9DwAAQBAJ. 
  3. 3.0 3.1 Pankaj Jha (20 November 2018). A Political History of Literature: Vidyapati and the Fifteenth Century. OUP India. p. 4–7. ISBN 978-0-19-909535-3. https://books.google.com/books?id=8xl9DwAAQBAJ.