وحدت الوجود __ (Wahadat - ul- Wajood):

وحدت الوجود، صوفياءِ ڪرام جو هڪ اصطلاح آهي، جنهن ۾ حق سبحان تعاليٰ جي توحيد ذاتي ۽ وجودي تي بحث ڪيو ويندو آهي. انهيءَ بحث جو خلاصو هي آهي، ته وجود حقيقي فقط هڪ آهي، ۽ اهو حق تعاليٰ جو وجود آهي. ان حقيقت کي لاموجود الا الله چئي واضح ڪيو ويندو آهي. وجود حقيقي هڪ آهي، يعني فقط خدا ئي موجود آهي، ۽ ٻيو ڪجهه به نه آهي. هر شيءِ انهيءَ مان آهي، ۽ انهيءَ ۾ آهي، جيئن سمنڊ ۾ لهرون ۽ موجون. هر شيءِ خدا جو مظهر آهي. اهي صوفي وحد ۾ ڪثر ۽ ڪثر ۾ وحد جي فلسفي کي مڃين ٿا. [1]

حوالا سنواريو

  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي