وحدت (Unity) الله جي ذات جي هيڪڙائيءَ ۾ يقين جو فلسفو جنھن ۾ صوفي شاعرن تصوف جي سڀ کان پھرئين اصول طور قبول ڪيو آهي. ادب جي دنيا ۾ وحدت جي معنيٰ آهي تہ ڪنھن بہ ادبي صنف جي مختلف جزن کي پنھنجي ترڪيبي حيثيت ۾ اهڙيءَ طرح مربوط، متحد ۽ منظم ڪجي، جو اها هيڪڙائي جو تاثر ڏئي. [1]

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.