وجودي فڪر __وجوديت__(Existentialism):

20 صديءَ ۾ پيدا ٿيندڙ سياسي، سماجي، فڪري ۽ نفسياتي مونجهارن وجودي فڪر جي لاڙي کي جنم ڏنو آهي. بنيادي طور تي وجوديت جو فلسفو انساني وجود ۾ سانڍيل وارتائن، رازن ۽ ڳجهن کي جاچڻ ۽ پرکڻ جو نالو آهي. ان فلسفي جو مقصد آهي ته ”جيئن ته انسان هڪ وجود رکي ٿو، ان ڪري هو پنهنجي وجود جي هئڻ کي ثابت ڪري ڏيکاري.“ وجوديت جي فلسفي کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو آهي. هڪ ديني وجوديت ٻيو لاديني وجوديت. وجوديت انسان جي پاڻ سڃاڻپ (Self – Realization) جو نالو آهي، جنهن ذريعي هو هن دنيا جي غلاميءَ کان ڪٽجي، پنهنجي آزاد هئڻ تي زور ڏئي، پنهنجي زندگيءَ جو، مرضيءَ سان پورو پورو استعمال ڪري ٿو. هو پنهنجن عمل جو پاڻ ذميوار آهي ۽ انهن عملن جي ذريعي ئي هو پنهنجي سڃاڻپ ۽ فطرت ظاهر ڪري ٿو ۽ پوءِ جڏهن اهو سوچي ته ساڻس وڏو ڊوهه ٿيو آهي. جو کيس کنڀي هن دنيا ۾ ڦٽو ڪيو ويو آهي. وجوديت کي سمجهڻ لاءِ هيٺين وجودي وارتائن کي سمجهڻ ضروري آهي. ’ويڱاڻپ‘ (Alienation)، ’مايوسي‘ (Despair)، ’وجود جي بي معنائيت‘ (Being and absurdity)، ’بوريت‘ (Boredom)، ’ڪراهت/ڪرڀ‘ (Nausea)، ’احساس جرم‘ (Guilt)، ’موت جو تصور‘ (Concept of Death)، ’فرد ۽ ٻيا نظام‘ (Individual and Systems)، ’چونڊ جي آزادي‘ (Freedom of Choice) ۽ ’شخصي وجود جي حقيقت‘ (Reality of individual existence) وغيره. [1]

  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي