واڻيا
واڻيا:
هنن کي بنيا به سڏين ۽ٿر ۾ ڪراڙ چون. هيءُ اڪثر بوهاڻا آهن ۽ دڪانداري ۽ واپار جو ڪم ڪندا آهن، جنهن ڪري اُنهيءَ کي بقال به چوندا آهن يعٰني باڪري، هو وياج تي زميندارن ۽ هارين کي پيسا به ڏيندا آهن ۽ اُن ماپيندا ۽ خريد ڪندا آهن.[1]
حوالا
سنواريو- ↑ قديم سنڌ -ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو. مصنف: مرزا قليچ بيگ. ايڊيشن: چوٿون 1999ع. ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو