وانڱڻ هڪ سبزي آهي ۔ هن جو سائنسي نالو Solanum melongena آهي۔ هن جا ڪافي قسم آهن۔ جن مان ڪجهه جو رنگ  واڱڻائي ۽ ڪجهه جو اڇو هوندو آهي۔هن کي گھريلو باغيچن ۾ آساني سان پوکي سگھجي ٿو. هن جو ٻوٽو  40 کان 150 سينٽي ميٽر ڊگھو هوندو آهي.

Eggplant / Aubergine / Melongene / Brinjal
سائنسي درجا بندي
ڪنگڊم: نباتات
(unranked): گلن وارا ٻوٽا
(unranked): Eudicots
(unranked): Asterids
ترتيب: Solanales
خاندان: Solanaceae
نسل: Solanum
جنس: S. melongena
حياتياتي نالو
Solanum melongena
لني اس
هم معنيٰ

Solanum ovigerum Dunal
Solanum trongum Poir.
and see text

وانڱڻ جا ٽي قسم.


هيءُ ڏيهي ڀاڄين مان تمام عام آهن. هنن جا مکيه ٻه قسم آهن، هڪڙي جو ميوو وڏيءَ نارنگيءَ جيڏو ٿيندو آهي ۽ بيضوي شڪل جو ٿيندو آهي، يعني آني جهڙو ٿيندو آهي ۽ ٻئي جو ميوو باد رنگ جهڙو ڊگهو ٿيندو آهي. هن جو ڪارو رنگ ڳاڙهو يا ڳوڙهو ڳاڙهو ٿيندو آهي، جنهن کي واڱڻائي چوندا آهن. هن جو ٻج سانوڻ کان اڳڀرو پوکبو آهي. ڏيڍ ڏيڍ فوٽ تي وڻ هئڻ گهرجي. واڱڻ رواجي باغ جي زمين ۾ چڱو ٿيندو آهي، گهڻي محنت ڪا نه گهرندو آهي. آگسٽ مهيني ۾ واڱڻ لهڻ لڳندا آهن ۽ سڄو سيارو هلندا آهن. هن جا ٻيا به پنج ڇهه قسم آهن، جن مان ڪي ننڍا، ڪي وڏا، ڪي گول، ڪي لنبا، ڪي اڇا، ڪي ڪارا ٿيندا آهن. واڱڻن مان ماڻهو ساڳ به ٺاهيندا آهن ۽ اهي ٻوڙ ۾ به وجهندا آهن. اَچار به جوڙيندا آهن. هڪڙي موسم جا وڻ وڍي ڇڏبا آهن، ته ٻيءَ موسم ۾ منڍين مان وري ڦٽندا آهن. واڱڻ کي انگريزيءَ ۾ بِرِنجال يا ايگ پلانٽ (يعني آني جو وڻ) چون ٿا ۽ پارسيءَ ۾ بادنجان. ٽماٽا[1]

تصويرون

سنواريو
  1. ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو