واپڊا ڪالوني (لاڙڪاڻو)
يو سي 1 واپڊا ڪالوني لاڙڪاڻو (انگريزي: U C 1 WAPDA Colony Larkana) سنڌ جي ضلعي لاڙڪاڻي ۾ واقع ميونسپل ڪارپوريشن لاڙڪاڻو جي شھري يونين ڪاميٽي جو نالو آهي جيڪا لاڙڪاڻي شھر ۾ واقع آهي. ان جي ڪل آبادي آهي[1]. ھن يونين ڪاؤنسل ۾ واپڊا ڪالوني، ميروخان چوڪ، ناڪو نمبر 7 محلا رسول آباد، يار محمد ڪالوني وارا علائقا شامل آهن. ھن يو سي جي حدن م رھندڙ سموري آبادي سنڌي ڳالهائيندڙ آھي. ھن يو سي ۾ واپڊا ڪالوني ٺوڦ چسول واري ميروخان روڊ تي شھر جي ٻاھرين پاسي واقع آهي. ھن يو سي جا مکيه روڊ ٺوف چوسول وارو ميروخان روڊ ۽ ڪنگا کان ايندڙ ميروخان روڊ آھن جيڪي شھر ۾ ھن يو سي مان داخل ٿي ميروخان چوڪ تي ختم ٿين ٿا. انھن ٻنھي روڊن جي وچ وارا علائقا ھن يو سي جو حصو آھن ميروخان چوڪ ھن يو سي جو مشهور چوڪ آھي. ھن يو سي م شھر جي نئين اناج منڊي ۽ لاڙڪاڻو سينٽرل جيل پڻ واقع آهن. واپڊا ڪالوني واري پاسي کان يو سي اندر سارين جو ڪارخانو آبادگار رائيس مل جي نالي سان واقع آهي.
واپڊا ڪالوني لاڙڪاڻو يو سي 1 واپڊا ڪالوني لاڙڪاڻو | |
---|---|
يونين ڪاميٽي | |
لاڙڪاڻو ميونسپل ڪارپوريشن جي يونين ڪاميٽي | |
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام | |
جاگرافي بيهڪ: 27°34′41″N 68°12′31″E / 27.57806°N 68.20861°E | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | لاڙڪاڻو ضلعو |
شھر | ميونسپل ڪارپوريشن لاڙڪاڻو |
تعليم ۽ صحت جون سھولتون
سنواريوھن يو سي ۾ آء بي کھڙو ھاء اسڪول لآڙڪآڻو واقع آهي. يو سي م مختلف سرڪاري پرائمري اسڪول پڻ واقع آھن. ھن يو سي اندر صحت وارو ڪو بہ سرڪاري ادارو ڪانہ آھي.
ڪائونسل
سنواريويونين ڪاميٽي جو عملدار يو سي سيڪريٽري آھي جيڪو آفيس جو سمورو رڪارڊ رکندو آهي ۽ دفتري پيش رفت ڪندو آهي. ھن ڪاميٽي جا چار جنرل ڪائونسلر آھن جن جي سڌي چونڊ ٿيندي آهي. ڪائونسل شادي يا نڪاح جي رجسٽريشن ، ڄمڻ ۽ مرڻ جي رجسٽريشن جو رڪارڊ رکندي آھي. 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ھن يو سي مان چيئرمين ظفر علي شاھ ۽ وائيس چيئرمين ڌڻي بخش بروهي چونڊجي آيا جن جو تعلق پاڪستان پيپلزپارٽي سان ھيو[2].
ڪائونسل جي بجيٽ ۽ ترقياتي ڪم
سنواريوباغ ۽ وندر جون جايون
سنواريوھن يو سي م ڪوبه باغ يا پارڪ ڪانہ آھي ۽ نہ ئي وري اتي رھندڙ ماڻھن جي لاءِ ڪو راند جو ميدان آھي.