ادا نامديو تاراچنداني صاحب توھان جي يوزر صفحي تي لکيل آزاد نظم پسند آيو. توھان کي شايد خبر ھجي تہ سنڌي وڪيپيڊيا تي سرگرم يوزرس جي تمام گھٽتائي آھي ۽ ان ڪري ھي رٿا اڳتي نہ پئي وڌي، توھان کي گذارش آھي ته پنھنجي فارغ وقت مان چند گھڙيون ھتي به ڏيندا ڪريو تہ جيئن اسان جي ٻولي جي ترقي ۾ اضافو ٿيندو رھي. توھان انسائيڪلوپيڊيا سنڌيا جي ويبسائيٽ [encyclopediasindhiana.org] تان به مواد کڻي سگھو ٿا. ياد رھي ته آ جا تقريبن سڀ مضمون ھتي موجود آھن ان ڪري ا کان شروع ڪجو. ان سان گڏوگڏ توھان بيٽا ۾ وڃي ڪري content translation لڳائي ان ذريعي انگريزي، ھندي، اردو ۽ ٻين ڪيترين ئي ٻولين مان مختلف مضمون ترجمو به ڪري سگھو ٿا. اميد ڪريان ٿو ته وس آھر پنھنجو حصو وجھندا. ڪا به ڳالھ پڇڻي ھجي ته منھنجي يوزر صفحي تي لکجو. مھرباني.مھتاب احمد (ڳالهہ) 16:22, 11 اپريل 2016 (UTC)