واپار جو توازن, بئلنس آف ٽريڊ (Balance of trade) هڪ ڏيهان ڏيهي واپار سان لڳاپيل اصطلاح آهي. پرڏيهه موڪليل ۽ اُتان گهرايل مال جي توازن کي ظاهر ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. هڪ خاص مُدي ۾ ڪنهن به ملڪ جي واپار جوڳي وَکر کي ڏيساور موڪلڻ (درآمد) ۽ پرڏيهه کان گهرايل مال (برآمد) جو اهڙو وچور، جنهن ۾ روڪ خريد ڪيل سامان لاءِ ڏنل رقم يا وِڪاميل مال جي بدلي ۾ مليل رقم جو تفصيل درج نه هوندو آهي ۽ رڳو جنس جي بدلي ۾ مليل جنس جو واپار ليکي ۾ آڻبو آهي. جيڪڏهن توازن موڪليل مال جي حق ۾ آهي ته واپار کي فائديمند (Trade Surplus) ۽ جيڪڏهن پرڏيهه مان گهرايل مال جي حق ۾ آهي ته نقصانڪار (Trade Deficit) سمجهيو ويندو. [1]

حوالا سنواريو

  1. Balance of trade | Online Sindhi Dictionaries | آن لائين سنڌي ڊڪشنريون, وقت 2019-06-29 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2017-02-11