واقع نگاري ادب ۾ ڪنھن واقعي جي بيان ڪرڻ کي واقع نگاري چئبو آهي. واقع نگاري ٻن قسمن جي ٿيندي آهي: (الف) تاريخي: اهڙا واقعا جيڪي تاريخي طور ظاهر ٿي چڪا آهن. مثال طور ڪربلا جو واقعو، دٻي يا مياڻيءَ جون جنگيون وغيره. (ب) تخيلي: اهڙا واقعا، جن کي تصوراتي طور شاعر/اديب ظاهر ڪري.[1]

حوالا سنواريو

  1. ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.