ڪنهن به ملڪ يا پرڳڻي جا اڳواڻ، سرڪاري راڄ يا اقتدار تي قبِضي لاءِ هڪ سياسي گروهه طرفان، سياسي، اقتصادي، نظرياتي، لساني يا ثقافتي طاقت جو استعمال ڪندي، هڪ هٽي, بالادستي يا هيجيمني (Hegemony) قائم ڪرڻ ۽ ان جي آڌار تي ٻين گروهن مٿان سندن ظاهري رصپي کانسواءِ پنهنجي مرضي مڙهڻ واري صورتحال کي هن اصطلاح ذريعي واضح ڪيو ويندو آهي. شروعاتي دور ۾ هي طريقو هڪ ”سياسي اثر“ جي صورت ۾ ڪجهه يوناني شهري رياستن طرفان، پاڙيسري رياستن مٿان استعمال ٿيندو هيو، پر هاڻي اها هلت هڪ اصطلاح طور سياسي اثرن کان سواءِ معاشي، ثقافتي ۽ ٻين مختلف حوالن ۽ رُخن ۾ پڻ ڪتب آندي وڃي ٿي. خاص طور تي ان جو چٽو مثال روم جي مارڪسي دانشور انتونيو گرامچيءَ جو ”ثقافتي بالادستي“ وارو تصور آهي. بهرحال عام طور تي هي اصطلاح هڪ بي رحم ظالم ڌُر طرفان سياسي نظام تي قبضي يا اقتدار لاءِ حوالي طور سمجهيو ويندو آهي. اڻويهين صديءَ کان، (خاص طور تي تاواريخي لکڻين ذريعي)، سياسي ماهرن طرفان مسلسل بيان ڪيو ويو آهي، ته ”هڪ هٽي“، يا ”بالادستيءَ“ مان مراد، هڪ رياست ٻين رياستن تي طبعي، نفسياتي يا نظرياتي طور قابض هُجڻ آهي. (مثال طور: نئپولين واري فرانس جي، سڄي يورپ مٿان بالادستي يا يونائٽيڊ اسٽيٽس جي سرد جنگ دوران يورپ مٿان هڪ هٽي).[1]