ھڏڪي     Hiccup disease

”اصغر ساگر (اصغر علي چانڊيو)“

ڪيمياگر جي دڪان ۾ ھڪ مريض آيو. اچڻ شرط ھن پڇيو

”ھڏڪي جي ڪا دوا آھي.“

ڪيمياگر دخل کان نڪري سامهون آيو. پھرين ھن ان ماڻهو جي ڪنن کي ٻنھي ھٿن سان زور سان بند ڪيو ۽ پوء ھن جي ڳاٽي کي ھيٺ لاڙي مڪ ھنئي.

ماڻهو کي غصو اچي ويو

”تون ھي ڇا ڪري رھيو آھين، عجيب ماڻھو آھين تون“

ڪيمياگر مرڪي چيو

”ھڏڪي جي ٻي ڪابہ دوا ناھي بس اھو طريقو آھي. فرق پيو يا نہ؟“

ماڻهو جي منھن تي تجسس ڀري مرڪ اچي وئي. ھو گهڻو فائدو محسوس ڪري رھيو ھو. ھن ورندي ڏني

”مون کي فرق پيو آھي پر منھنجي زال کي ٻن مڪن جي ضرورت آھي ڇوجو ھن کي گهڻي ھڏڪي آھي پر خوف آھي ڪٿي ھلي نہ پوي.

ڪيمياگر کان ٽھڪ نڪري ويو ۽ ٻئي کلڻ لڳا.

ھي ھڏڪي جو علاج آھي پر ڀوڳ جو ڀوڳ بہ پر ھٿن سان ڪنن دٻائڻ سان گڏ مڪو وچولي نموني آھستي ھڻجي جيئن اعصابن کي لاڙو اچي وڃي. وري وري ھي عمل نہ ورجائجي صرف ڪنن کي ھٿن سان بند ڪرڻ وارو عمل ورجائجي.

جڏھن پيٽ جهلي (ڊايا فريم) diaphragm ۾ ڪجهه مسئلو پيدا ٿئي ٿو تہ ھڪدم ھوا کي اندر ڇڪن ٿا ۽ ھوا جڏھن اندر داخل ٿئي ٿي تہ اوڳراين نما ڳرا آواز نڪرن ٿا ۽ اھڙي صورت ۾ ھڏڪيون پيدا ٿين ٿيون. سائنسي تحقيق مطابق ھڏڪي پيٽ جي جهلي Diaphragm ۾ خارش ٿيڻ يا سڪڙڻ جو نتيجو آھي. انساني جسم ۾ سيني ۽ پيٽ جي درميان مشڪن سان ٺھيل پيٽ جو پردو Diaphragm آھي جيڪو سيني کي پيٽ کان ڌار ڪري ٿو. ڊايا فرم کي اوچتو بار بار جهٽڪا لڳڻ سان ھڏڪي اچي ٿي ۽ ھڏڪي بي اختيار نموني اچي ٿي جنھن کي روڪڻ مشڪل ھوندو آھي. ھڏڪي جي صورت ۾ بھتر آھي تہ احتياطي تدبيرون ڪجن ۽ دوائن کان پاسو ڪجي ھڏڪي ڇڏي ويندي.

عام طور تي ھڏڪي لڳڻ جا سبب خشڪ کنگھ ۔ ساھ سان گڏ وڌيڪ ھوا جو کاڌي جي نلي ۾ داخل ٿيڻ ۔ تيز تيز کائڻ ۔ نفسياتي اثرن جيئن خوف ۔ گهٻراھٽ ۔ پريشاني جو شڪار ٿيڻ ۔ ڪاربونيٽيڊ مشروب وڌيڪ پيڻ ۔ خشڪ کاڌو کائڻ ۔ تيز مصالا استعمال ڪرڻ ۔ ڳلي جي سوزش ۔ معدي جي سوزش ۔ معدي جي تيزابيت ۽ معدي جي سوڄ ھڏڪي جا عام سبب آھن. ھڏڪي ھڪ عام ٿئي ٿي جيڪا گهريلو ٽوٽڪن سان دور ٿي وڃي ٿي ڪڏھن ڪڏھن لڳاتار ھڏڪي رھي ٿي جيڪا بيمارين ڏي اشارو ڪري ٿي جين بڪين جي خرابي ۔ ملٽي پل اسڪليروسز ۔ دماغي جهلي جو انفيڪشن ۔ معدي يا خوراڪ جي نلي جي خرابي ڇوجو معدي مان خوراڪ واپس کاڌي جي نلي ۾ اچي ٿي اھي بيماريون عام ٽوٽڪن سان نٿيون وڃن.

ھڏڪي جا سبب :-

تيزي سان کائڻ:-

ھڏڪي اھڙي عام شي آھي جيڪا ڪجهه منٽن کان ڪجهه ڪلاڪن تائين رھي ٿي. تيزي سان کاڌو کائڻ يا وڏا گراھ ھڻڻ ھن جو سبب ٿي سگهن ٿا. ان جي نسبت ننڍا گراھ کائڻ يا آھستي کائڻ سان ھڏڪي جا آثار نٿا رھن.

تماڪ نوشي :-

تماڪ نوشي جي استعمال سان معدي ۾ خشڪي اچي ٿي ۽ معدي جي خشڪي ھڏڪي جو سبب بنجي ٿي.

جذباتي ڪيفيت :-

طبي ماھرن مطابق جذباتيت يا جوش ھڏڪين جو سبب ٿي سگهي ٿو ڇوجو ان سان جسم جي اندر تبديلي ٿيڻ جي ڪري دل تيزي سان ڌڙڪڻ لڳي ٿي.

معدي جا مرض:-

عام طور تي ھوا کاڌي جي نلي ۾ ھڪ مخصوص ڦيري سان اچي ٿي ۽ ھڏڪيون اچڻ لڳن ٿيون. اڪثر ٻارن کي ھڏڪي ٿئي ٿي ھي معدي جو ھڪ مرض Gerd ٿي سگهي ٿو.

مرضن جي ڪري ھڏڪي جا سبب :-

بڪين جو خراب ٿيڻ :-

ھڏڪي جو اھم سبب بڪين جي خرابي آھي. ھڏڪي اشارو ڪري ٿي تہ بڪيون خراب ٿي رھيون آھن. ھي ھڏڪيون ھڏن جي درد ۔ اڀساھي ۽ رڳن ڇڪجڻ سان ٿين تہ جلدي ڊاڪٽر سان رابطو ڪجي.

ايسڊ ريفليڪس مرض :-

ايسڊ ريفليڪس مرض جون واضح علامتون سيني مجلن ۔ کاڌي جو تلخ لڳڻ ۔ آت اچڻ ٿين ٿيون پر ھي حقيقت آھي ھڏڪيون انهن ڏي اشارو ڪن ٿيون جيڪڏھن ختم نہ ٿين جلد ڊاڪٽر سان روجوع ڪرڻ گهرجي.

ذھني ڇڪتاڻ :-

جيڪي ماڻھو ذھني ڇڪتاڻ جو شڪار رھن ٿا انهن کي ھڏڪي ٿي سگهي ٿي انهن کي کپي تہ روز ورزش يا مراقبو ڪن.

ڪينسر :-

ھڏڪيون ڪينسر جي ڪجهه مرضن دماغي ۔ معدي يا لمفي نوڏن Lymph nodes جي موجودگي ڏي اشارو ڪن ٿيون لڳاتار ھڏڪي ھجي ۽ 48 ڪلاڪن کان چڙھي وڃي يا مھينو وٺي وڃي اھو عارضو ڪينسر ٿي سگهي ٿو پر ڪينسر جا امڪان ٿي بہ نٿا سگهن.

نمونیا جو اشارو :-

ھڪ تحقيق مطابق دير تائين ھڏڪيون اچڻ نمونيا جي نشاني آھي. ھڏڪي سان گڏ سيني ۾ درد ۔ ٿڌ محسوس ٿيڻ ۔ بخار ۔ ساھ گهٽجڻ ھجي تہ نمونيا آھي ڇوجو ڦڦڙن جي انفيڪشن جي ڪري ھڏڪيون عام معمول کان وڌيڪ اچن ٿيون.

فالج جي ابتدائي علامت :-

اوبايو يونيورسٽي جي تحقيق مطابق ھڏڪيون فالڄ جي ابتدائي علامت ٿي سگهن ٿيون ھڏڪين سان گڏ سيني ۾ درد عورتن جي ابتدائي فالج جي علامت آھي. آمريڪا ۾ نيشنل سٽروڪ ايسوسيئيشن آت ۔ ذھني الجهن ۽ جسماني ڪمزوري سان گڏ ھڏڪين جي اچڻ کي فالج جي علامتن ۾ شامل ڪيو ويو آھي جنھن جو گهڻو شڪار عورتون ٿي سگهن ٿيون.

دل جو دورو :-

ھڏڪيون لڳاتار ھجن تہ دل جي دوري جو امڪان ٿي سگهي ٿو. تحقيق مطابق ھڏين ۽ دل جي دوري جو پاڻ ۾ تعلق آھي جيڪي دوري سان گڏ پگهر اچڻ ۔ ڪمزوري ۽ سيني جي درد جون نشانيون ٻڌائين ٿيون.

اپاء :-

وقفي ساھ روڪڻ :-

طبي ماھرن مطابق وقفي ساھ روڪڻ سان ھڏڪيون ختم ٿي سگهن ٿيون. ھي طريقو ڦڦڙن ۾ ڪاربان ڊاء آڪسائيڊ جمع ڪري ٿو جنھن سان ھڏڪين کان نجات ملي ٿي.

ٿڌو پاڻي :-

برف واري ٿڌي پاڻي پيئڻ سان ھڏڪين کي روڪڻ ۾ مدد ملي ٿي. ٿڌو پاڻي پيٽ جي جهلي جي خارش کي روڪي ٿو جيڪا ھڏڪين جو سبب بنجي ٿي.

ڪاغذ جي ٿيلهي مان ساھ کڻڻ :-

پيپر بيگ ۾ ساھ کڻڻ ھڏڪين کي روڪي ٿو. يوڪي جي نيشنل ھيلٿ سروس مطابق ھي ٽوٽڪو رت ۾ ڪاربان ڊاء آڪسائيڊ جي سطح کي وڌائي پيٽ جي جهلي کي خارش کان روڪي ٿو.

ٽنگون گوڏن ڀر ملائڻ ۽ سڌيون ڪرڻ :-

ڪرسي تي ويھي پير ڪرسي جي سطح تي ڪجن تہ جيئن گوڏا سيني ڀر پھچن ۽ انهن کي ھٿن سان پڪڙجي جيئن مليل لڳن ۽ وري سڌا ڪجن ۽ وري ملائجن. ھي عمل ڪيئي ڀيرا ورجائجي ھڏڪيون بيھي وينديون.

مصري چوسڻ :-

ھڏڪين جي صورت ۾ مصري چوسجي. مصري جي لواڻ پيٽ جي جهلي کي ھلڪي نموني ڇيڙي ٿي جنھن سان اعصاب وري سيٽ ٿي وڃن ٿا.

کٽ ميوا :-

کٽ ميوا جيئن ليمو ۔ نارنگي يا مالٽا کي چٽجي. کٽ پيٽ جي گرمي ۽ جلن کي ھلڪي ڪندي ۽ ھڏڪيون بيھي وينديون.

تکاڻ واري شي کائڻ :-

مرچن سان مليل ڪا تيز شي کائڻ سان ھڏڪيون بيھي سگهن ٿيون ڇوجو جسم جي جلن ڏي اعصاب مرڪوز ٿي وڃن ٿا ۽ ھڏڪي بند ٿي وڃي ٿي.

ماکي :-

نيم گرم پاڻي ۾ ماکي چمچو ملائي پيئجي اعصاب پرسڪون ٿي ويندا ۽ ھڏڪي رڪجي ويندي.

چاڪليٽ :-

چاڪليٽ آھستي آھستي کائجي ۽ ھڏڪيون بيھي وينديون.

ڪاغذ جو ٿيلهو :-

ڪنھن ڪاغذي بيگ ۾ منھن وجهي اونها ساھ کڻجن ائين ڪرڻ سان ڪاربان ڊاء آڪسائيڊ رت ۾ وڌندي ۽ پيٽ جي پردي کي گھرائي سان آڪسيجن ڇڪڻي پوي ٿي جنھن سان ھڏڪين جي بند ٿيڻ جا امڪان پيدا ٿي وڃن ٿا.

ٽشو پيپر :-

گلاس پاڻي ڀري مٿان ٽشو پيپر رکي ٽشو پيپر مان پاڻي پيئجي. ھن سان پيٽ جي پردي کي پاڻي ڇڪڻ ۾ ٿوري مشڪل ايندي جنھن سان ھڏڪين وارين مشڪن جي حرڪت گهٽجي ويندي.

برف جا ٽڪرا يا ڊبل روٽي :-

برف جي ٽڪرن يا خشڪ ڊبل روٽي جا ٽڪڙا وات ۾ رکي چوسجن. انهن جي ڳرڻ سان ڳلي مان ويگس نرو مان گذرڻ سان جهٽڪن جو عمل رڪجي وڃي ٿو.

ٿڌي پاڻي سان گرڙا :-

ٿڌي پاڻي سان گراڙا ڪجن يا نڇن ڏيڻ جي ڪوشش ڪجي ائين ڪرڻ سان نس جو دٻاء گهٽجي ويندو.

اخبار :-

جيڪڏھن ھڏڪي نہ رڪي تہ اخبار کي سگريٽ وانگر گول ڪري ٻارجي ۽ سگريٽ کي ٻئي پاسي کان ھڪ ساھ ۾ ڇڪجي ۽ جلدي ڪڍجي. ھڏڪي فورن بيھي ويندي پر ھي مستقل علاج ناھي. صرف ھڪ دفعو ڪجي.

بيڪلوفن Baclofen دوا :-

ھڏڪي نہ رڪي تہ ھڏڪي جي بھترين دوا بيڪلوفن Baclofen استعمال ڪجي.

پنھنجون آڱريون ڪنن ۾ وجهي ڪن بند ڪرڻ :-

ھڏڪين جو ھي عجيب ٽوٽڪو آھي جڏھن ھڏڪي اچي ڪنن کي آڱريون ڏيئي بند ڪجن ھڏڪي کان نجات ملي سگهي ٿي.

سڪل ڦودنو :-

ھڏڪي يا الٽي نہ بيھي خشڪ ڦودنو  پسارڪي دڪان تان وٺي ڪٽي پائوڊر ڪري رکجي.

چپٽي صبح شام پاڻي سان پيئجي.

جاڻ ديسي :-

چند داڻا جاڻ ديسي جا کائجن.

لونگ :-

ھڪ لونگ کي آھستي آھستي ٽڪي چٻاڙي ان جي گگ ڳيھجي. ھڏڪي ۾ گهٽتائي اچي ويندي.

ڳنڍيريون :-

آھستي آھستي ڳنڍيرين کي چوسجي.

وڏو ڦوٽو :-

وڏي ڦوٽي کي گلاس پاڻي ۾ ديڳڙي ۾ ڪاڙھجي پر ديڳڙي کي ڍڪ ڏنل ھجي. جڏھن ٽھڪي ٿورڙي دير کان پوء ديڳڙي لاھي پاڻي ڇاڻي نيم گرم چانھن وانگر پيئجي.

نوٽ :- جيڪڏھن عام ھڏڪي ھجي تہ ھڪ وقت ڪوبہ ھڪ نسخو استعمال ڪجي ھڪ وقت 2 نسخا استعمال نہ ڪجن صرف ڏينھن ۾ ڪو ھڪ نسخو استعمال ڪجي. جيڪڏھن فائدو نہ پوي تہ ڊاڪٽر سان رابطو ڪجي  ۽ لڳاتار ھڏڪي ھجي تہ جلدي ڊاڪٽر سان رابطو ڪجي ۽ مرض مطابق علاج ڪرائجي.

https://m.facebook.com/story.php?story_fbid=1159577804196646&id=649790728508692