هيسائڻ واري سفارتڪاري

هيسائڻ واري سفارتڪاري يا گن بوٽ ڊپلوميسي (Gunboat Diplomacy) جو اصطلاح، اڻويهين صدي عيسويءَ ۾ انگريزن جي سامراجي پاليسيءَ جي تسلسل ۾ ڪتب آيو هئو، جنهن جو مقصد پرڏيهيءَ پاليسيءَ ۾ سامونڊي طاقت ۽ جنگي جهازن جي سگهه ذريعي ٻين ملڪن کي هيسائي پنهنجا مقصد ماڻڻ هو. انهيءَ پاليسيءَ هيٺ برطانيائي سامونڊي ٻيڙن کي گهڻي قدر ملڪي سامونڊي حدن ۾ هر وقت تيار رکيو ويندو هو ۽ کين وقت بوقت قرضن جي وصولي، بيٺڪن ۾ ٿيندڙ وڳوڙن ۽ بغاوتن کي محدود مداخلت ذريعي ختم ڪرڻو هوندو هو. مُلڪ خلاف ڪنهن به اڳرائيءَ جي ورجاءَ کي روڪڻ جو بندوبست به، ان ئي پاليسيءَ تحت ڪيو ويندو هُو. اهڙي طرح اڄوڪي دور ۾ هن پاليسيءَ کي گهڻي قدر طاقت جي عملي اظهار طور نه پر خاص اشارن ۽ داٻن جي حوالي سان استعمال ڪيو وڃي ٿو. مثال طور ڪنهن به طاقت طرفان پنهنجن سامونڊي جنگي جهازن کي مخصوص علائقن ۾ موڪلي، لاڳاپيل ڌُر کي چتاءُ ڏنو وڃي ٿو ته امڪاني گڙٻڙ جي صورت ۾ انهن سامونڊي جنگي جهازن ذريعي جنگ وارو قدم کڄي سگهي ٿو. انهيءَ داٻي جي نتيجي ۾ گڙٻڙ پکيڙيندڙ ڌُر ڳالهين جي ميز تي اچڻ ۾ اڳڀرائي ڪري ٿي. [1]

حوالا سنواريو

  1. سنڌي آن لائين ڊڪشنري[مئل ڳنڍڻو] پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد