هندن ۽ پارسين جو هڪ مکيه ديوتا

هندن ۽ پارسين جو هڪ مکيه ديوتا سورج، (سج) آهي، جو اصل ۾ آهي سنسڪرت لفظ سؤريا؛ پر هنديءَ ۾ سؤر به چون. انهيءَ ”سؤر“ لفظ جو اچار ايرانيءَ ۾ ڦيري ڪيائون خور، جنهن جي پٺيان ”شيد“ لفظ گڏي چون خورشيد (Khursheed) معنيٰ سج. رگ ويد ۾ سورج ديوتا جو ٻيو نالو آهي متر (Mitra)، جنهن جو اچار زنداوستا ۾ ”مٿر“ ۽ هاڻوڪي پارسيءَ ۾ آهي مهر معنيٰ ”سج“. هيءَ نهايت آڳاٽو نالو آهي. قديم رومن لوڪ (Romans) به سورج ديوتا کي پوڄيندا هئا، ۽ مٿرس (Mithras) ڪوٺيندا هئس. انگريزي لفظ( Mithraic, Mithraicism) وغيره انهيءَ ساڳئي سنسڪرت لفظ متر (ايراني ”مٿر“) مان ٺهيا آهن. هن مان ائين سمجهجي ٿو ته متر ديوتا (سورج) جي پوڄا جو رواج انهيءَ قديم زماني ۾ پيو، جنهن زماني ۾ سڀ آريا لوڪ (Aarians) ميرو پربت طرف گڏ رهندا هئا، ۽ ڇهن مهينن جي رات گذرڻ کانپوءِ سج ڏسڻ ۾ ايندو هون ته اُن کي ديوتا ڪري پوڄيندا هئا. [1][2]

حوالا سنواريو

  1. قديم سنڌ (ڀيرومل مھرچند آڏواڻي) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2020-10-29 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2017-03-07 
  2. ڪتاب: قديم سنڌ، ليکڪ: ڀيرومل مھرچند آڏواڻي