هبل خلائي دوربين
هبل خلائي ٽيلي اسڪوپ (اڪثر ڪري HST يا هبل جو حوالو ڏنو ويو آهي) هڪ خلائي دوربين آهي جيڪا سال 1990ع ۾ ڌرتيءَ جي هيٺئين مدار ۾ موڪلائي وئي ۽ اڃا تائين آپريشن ۾ آهي. اها پهرين خلائي دوربين نه هئي، پر اها سڀ کان وڏي ۽ سڀ کان وڌيڪ ورڇيل دوربين مان هڪ آهي ۽ فلڪيات لاءِ عوامي رابطي جي نعمت جي طور تي هڪ اهم تحقيقي اوزار جي طور تي مشهور آهي. هبل دوربين جو نالو فلڪيات دان ايڊون هبل جي نالي تي رکيو ويو آهي ۽ اهو ناسا جي عظيم مشاهدو ڪندڙن مان هڪ هو. اسپيس ٽيلي اسڪوپ سائنس انسٽيٽيوٽ (STScI) ھبل جي ھدف کي منتخب ڪري ٿو ۽ نتيجن جي ڊيٽا کي پروسيس ڪري ٿو، جڏھن ته گوڊارڊ اسپيس فلائيٽ سينٽر (GSFC) خلائي جهاز کي ڪنٽرول ڪري ٿو.[8]
2009ع ۾ روانگي واري خلائي شٽل ائٽلانٽڪ کان مدار ۾ ڏٺو ويو، فلائنگ سروسنگ مشن 4 (STS-125)، پنجون ۽ آخري هبل مشن | |||||||||||||||
نالا | HST هبل | ||||||||||||||
---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|
مشن قسم | فلڪيات | ||||||||||||||
ھلائيندڙ | اسپيس ٽيلي اسڪوپ سائنس انسٽيٽيوٽ | ||||||||||||||
COSPAR ID | 1990-037B | ||||||||||||||
SATCAT no. | 20580 | ||||||||||||||
ويبسائيٽ | nasa hubblesite spacetelescope | ||||||||||||||
مشن جو عرصو | Error: Invalid start date in first parameter (جاري) [1] | ||||||||||||||
خلائي جھاز بابت معلومات | |||||||||||||||
ٺاھيندڙ | لاک هيڊ مارٽن (خلائي جهاز) پرڪن-ايلمر (بصريات) | ||||||||||||||
اڏامڻ وقت وزن | 11٬110 kg (24٬490 lb)[2] | ||||||||||||||
ماپ | 13.2 m × 4.2 m (43 ft × 14 ft)[2] | ||||||||||||||
پاور | 2,800 واٽ | ||||||||||||||
مشن جي شروعات | |||||||||||||||
تاريخ اڏام | 24 اپريل، 1990ع 12:33:51 برابر عالمي وقت[3] | ||||||||||||||
راڪيٽ | Space Shuttle Discovery (STS-31) | ||||||||||||||
اڏام جي جڳھہ | ڪينيڊي، LC-39B | ||||||||||||||
ٺيڪيدار | راڪويل انٽرنيشنل | ||||||||||||||
Deployment date | April 25, 1990[2] | ||||||||||||||
Entered service | مئي 20, 1990[2] | ||||||||||||||
مشن جو اختتام | |||||||||||||||
Decay date | 2030–2040 (اندازو)[4] | ||||||||||||||
مدار بابت معلومات | |||||||||||||||
Reference system | جيو سينٽرڪ مدار[5] | ||||||||||||||
Regime | زمين جي هيٺان مدار (Low Earth orbit) | ||||||||||||||
Periapsis altitude | 537.0 km (333.7 mi) | ||||||||||||||
Apoapsis altitude | 540.9 km (336.1 mi) | ||||||||||||||
Inclination | 28.47° | ||||||||||||||
Period | 95.45 منت | ||||||||||||||
مُک دوربيني | |||||||||||||||
قسم | رچی۔کریتین ریفلیکتر دوربین | ||||||||||||||
Diameter | قطر:2.4 m (7 ft 10 in)[6] | ||||||||||||||
Focal length | 57.6 m (189 ft)[6] | ||||||||||||||
Focal ratio | دوربین جو فوڪل تناسب: سانچو:F/ | ||||||||||||||
Collecting area | 4.0 m2 (43 sq ft) [7] | ||||||||||||||
Wavelengths | انفرا ريڊ، روشني، الٽراوائليٽ | ||||||||||||||
| |||||||||||||||
ناسا عظيم رصدگاھہ وڏو اسٽريٽجڪ سائنس مشن آسٽرو فزڪس ڊويزن |
هبل ھڪ 2.4 ميٽر (7 فوٽ 10 انچ) قطر جي آئيني (Mirror) ۽ ان جا پنج مکيه اوزار، برقي مقناطيسي اسپيڪٽرم جي ويجهو، الٽرا وائلٽ، انفراريڊ ڏسڻ جي قابل علائقن ۾ مشاهدو ڪن ٿا. هبل ڌرتيءَ جي مسخ ماحول جي کان ٻاهر گردش ڪري رهيو آهي، اهو ان کي، زمين تي ٻڌل دوربين جي ڀيٽ ۾، انتهائي تيز ريزوليوشن تصويرن کي، تمام گهٽ پس منظر جي روشني سان، محفوظ ڪرڻ جی اجازت ڏئي ٿو. اهو ڪجهه تمام تفصيلي نظر ايندڙ روشني تصويرون ریڪارڊ ڪيو آهي، جيڪا اسان کي خلا ۾ اونھائی کان ڏسڻ جي اجازت ڏئي ٿي. هبل جا ڪيترائي مشاهدا خلائي طبعيات ۾ ڪاميابين جو سبب بڻيا آهن، مثال طور، ڪائنات جي توسيع جي شرح جو تعين ڪرڻ ۾ ڪاميابي آهي.
خلائي دوربينون 1923ع جي شروعات ۾ تجويز ڪيون ويون، ۽ هبل دوربين 1970 جي ڏهاڪي ۾ آمريڪي خلائي ايجنسي ناسا پاران يورپي اسپيس ايجنسي جي تعاون سان فنڊ ۽ تعمير ڪئي وئي. ان جو ارادو سال 1983ع ۾ شروع ڪيو ويو، پر پروجيڪٽ ٽيڪنيڪل تاخير، بجيٽ جي مسئلن ۽ 1986ع م اسپیس شتل، "چيلنجر" جي تباھی جي ڪري بيٺو هو. هبل آخرڪار 1990ع ۾ لانچ ڪيو ويو، پر ان جو مکيه آئينو غلط طور تي نصب تيو ھو، جنهن جي نتيجي ۾ دوربين جي گولائي جي صلاحيت کم ٿي وئي. 1993 ۾ سروسنگ مشن پاران نظرياتي معيار کي درست ڪيو ويو.
هبل واحد دوربين آهي جيڪا خلائي مسافرن طرفان خلا ۾ برقرار رکڻ لاءِ ٺهيل آهي. پنج اسپيس شٽل مشنن ٽيلي اسڪوپ تي سسٽم جي مرمت، اپ گريڊ ۽ تبديل ڪئي آهي، جن ۾ پنجن مکيه اوزار شامل آهن. پنجون مشن شروعاتي طور تي ڪولمبيا جي آفت (2003) کان پوءِ حفاظتي بنيادن تي منسوخ ڪيو ويو، پر ناسا جي منتظم مائيڪل ڊي گرفن جي منظوري کان پوءِ، سروسنگ مشن 2009 ۾ مڪمل ڪيو ويو. هبل اپريل 2020 ۾ آپريشن جا 30 سال مڪمل ڪيا [9] ۽ 2030-2040 تائين ختم ٿيڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي.[4]
هبل ناسا جي عظيم آبزرويٽري پروگرام ۾ نظر ايندڙ روشني دوربين آهي؛ اسپيڪٽرم جا ٻيا حصا ڪامپٽن گاما ري آبزرويٽري، چندرا ايڪس-ري آبزرويٽري، ۽ اسپيٽزر اسپيس ٽيلي اسڪوپ (جيڪا انفراريڊ بينڊ کي ڍڪي ٿي) سان ڍڪيل آهن.[10] هبل دوربين جي وچ ۾ انفرا ریڈ-کان-ڏسڻ واري بينڊ جانشين جيمز ويب اسپيس ٽيلي اسڪوپ (JWST) آهي، جيڪا نينسي گريس رومن اسپيس ٽيليسڪوپ سان 2027ع ۾ پيروي ڪرڻ سبب 25 ڊسمبر 2021ع تي لانچ ڪئي وئي.[11][12][13]
هبل دوربين کي خلا ۾ ڪم ڪندي 38 سال ٿي ويا آهن. هبل دوربین جي بدولت هزارين نيون ڪهڪشائون دریافت ٿيو آهن ۽ هي پنھنجي تجویز ڪيل ريٽائرمينٽ جي عمر کان گھڻي ڀاڱي عمر گذاري چڪي آهي پر انجي باوجود انجي نئين دريافتن ۾ گهٽتائي ناهي اچي رهي بلڪي ان ۾ روزانو اضافو ٿي رهيو آهي حال ئي ۾ انکي نيو مشن ڏنو ويو جنھن ۾ ان ڪهڪشان جي عظيم جهرمٽن جي ڪشش ثقل کي ثقلی عدسی (gravitational lense) جي طور تي استعمال ڪري انھن جي پويان اربن نوري سال پري ڪهڪشان جون تصويرون ورتيون آهن.
آئن اسٽائن جي نظريہ اضافيت سان اسان کي هي معلوم ٿيو آهي تہ وڏي اجزاءَ جي ڪشش ثقل اسپيس۔ٽائم ۾ جھڪ پيدا ڪندي آهي جنھن ۾ گذرندي روشني بہ جھڪ کائي ويندي آهي اوهان کي ياد هوندو تہ عدسا بہ ان اصول تي ڪم ڪندا آهن تہ اهوئي روشني کي جھڪ ڏيندا آهن جنھن سان روشني هڪ نقطي تي مرڪوز ٿي ويندي آهي ان ڏيک کي استعمال ڪري اسان عدسا استعمال ڪري دوبين ٺاهيندا آهيون جنھن سان پري واري اجزاءَ کي ڏسي سگھجي ٿو.
ڪشش واري عدسا سازی gravitational) lensing) کي بہ ان طرح پري واري اجزاءَ کي ڏسڻ جي لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي يعني ڪهڪشان جي ڪلسٽرز جي ڪشش ثقل جي وجہ سان انجي پويان اربن نوري سال پري ڪهڪشائن جي روشني بہ جھڪ کائي ويندي آهي ۽ اسان تائين پھچڻ لڳندي آهي.
هاڻي کان پهريان ان ڏيک جي وجہ سان اسان اتفاقي طور تي پري وارين ڪهڪشان جي اجزاءَ جي تصوير ٺاهي چڪي آهي پر هاڻ هبل کي هي باقاعده مشن ڏنو ويو آهي تہ ديو هبڪل گيلڪسي ڪلسٽرز کي عدسي جي طور استعمال ڪري انجي پويان موجود پري وارين ڪهڪشان جون تصويرون ٺاهيون وڃن ان مشن سان اسانکي اهڙيون تصويرون وصول ٿيون آهن جن کي ڏسي سائنسدان حيران آهن مثال جي طور تي اسان کان چار ارب نوري سال جي فاصلي تي ڪيتريون ڪهڪشائن جو هڪ ڪلسٽر آهي جنھن کي Abll 370 جو نالو ڏنو ويو آهي ايتريون ئي گھڻيون ڪهڪشائون هڪ ٻئي جي ويجهي هجڻ ڪارڻ ۽ ان ڪلسٽر ۾ گهڻي مقدار ۾ ڊارڪ ميٽر جي موجودگي جي وجهہ سان ان ڪلسٽر جي ڪل ڪشش ثقل انتھا آهي جنھن سان ڪيتريون طاقتور gravitational lensing effect پيدا ٿيندي آهي ائين انجي نتيجي ۾ هبل تيرهن ارب نوري سال پري ڪهڪشان جي شبيهہ بہ بنائي چڪي آهي
هبل دوربين جي بنايل هڪ تصوير جي مرڪز ۾ Abell 370 جي ڪهڪشان صاف ڏسي سگھجي ٿي پر انکي ويجھي وڏي قوس جي شڪل ۾ شبيهہ دراصل تيرهن ارب نوري سال پري موجود هڪ ئي ڪهڪشان جي پنج مختلف شبيهين آهن ڇوجو ڪهڪشان جا ڪلسٽر بہ هنگام هوندا آهن ان لاءِ ان لينزنگ سان شبيہ هڪ ئي وقت هڪ کان گھڻين جڳهن تي ٺھندي آهي ان شبيہ جي بدولت سائنسدانن نہ صرف ڪائنات جي آغاز ۾ ٺھڻ وارين ڪهڪشائن کي اسٽڊي ڪري چڪا آهن بلڪي نسبتن ويجهي ڪلسٽرز ۾ موجود ڊارڪ ميٽر جي ڪفايت ۽ ورڇ distribution جي باري ۾ بہ بھتر معلومات حاصل ڪري وٺندا.
هبل دوربين کان ملندڙ ڊيٽا کانپوءِ سائنسدانن جو اندازو آهي تہ اسانجي ڪائنات ۾ ٻہ هزار ارب ڪهڪشائون موجود آهن جڏهن تہ اسانجي ڪهڪشان ملڪي وي چار سئو ارب ستارن سان هڪ وچ واري ڪهڪشان جو درجو حاصل ڪندي آهي جيڪا نہ تہ وڏي آ نہ ئي ننڊي هيٺ
موجود سڀ تصويرون اسانجي ڪهڪشان ملڪي وي جي هڪ حصي برج Sagittarius Arm جي آهي اسانجي ڪهڪشان ان طرح جي گھڻن وڏن وڏن Arms سان ملي ڪري ٺهي آهي ۽ هي Arms اسانجي ڪهڪشان جي ۾ موجود بليڪ هول جي گردش ۾ چڪر لڳائي رهي آهي
اسان جنھن حصي ۾ رهندا آهيو انکي ستن روشن ستارن جو مجموعو، جبار ٻانهن Orion Arm چئبو آهي اوهانکي انکي ريل گاڏي جي ڊٻن جي مثال سان سمجھي سگھو ٿا تہ اسان مجموعو Orion نالي ڊٻي ۾ ويٺل آهيون جڏهن تہ اسانجي پاڙيسري ڊٻي جو نالو برج، قوس، راس Sagittarius آهي جيڪو اسانکي زمين کان عام اک سان ڏيکاربو آهي اسانجي ڪهڪشان کي ملڪي وي ان ڪري چئبو آهي تہ رات جو انجو هڪ حصو برج Sagittarius Arm زمين تھ تي ڏنڌلي رنگ جو ڏيکاربو آهي گرمين ۾ اوهان اڌ رات جي وقت زميني تھ تي ان حصي کي ڏسي سگھو ٿا پر ڇو تہ شھرن ۾ گھڻي روشني هوندي آهي جنھن وجہ سان جديد سروي موجب دنيا ۾ 33 سيڪڙو آبادي لائيٽي خرابي Light Pollution جي ڪارڻ عام اک سان ملڪي وي جي ان حصي کي ناهي ڏسي سگھندي جيڪڏھن اوھان برج Saggitarius Arm کي عام اک سان ڏسڻ چاهيو ٿا تہ ان لاءِ اوهانکي شھر جي روشني کان پري گرمي جي موسم ۾ اڌ رات جو ويران جڳھ تي وڃڻون پوندو جتي اوهان ان منظر کي ڏسي سگھو ٿا اسان مٿي پڙهيو تہ سج مجموعو Orion Arm ملڪي وي جي مرڪز ۾ موجود بليڪ هول جي گردش چڪر لڳائي رهيو آهي هي هڪ چڪر 23 ڪروڙ سال ۾ مڪمل ٿيندو آهي جڏهن تہ اسانجي سج جو ملڪي وي جي مرڪز کان فاصلو تقريبن 25 هزار نوري سال آهي اسانجي سج ۽ برج Sagittarius Arm جي درميان گھري گردش جا ڪڪر موجود آهن جن جو وزن ماس اسانجي سج کان ڪروڙين گنا وڌيڪ آهي اهيا ئي وجہ آهي تہ لاتعداد ستارا هجڻ باوجود برج Sagittarius Arm روشن ڏيکاربو ناهي ڇوجو گردش جي ان ڪڪڙن جي ڪارڻ ان ستارن جي روشني اسان تائين ناهي پهچي سگھندي ان گردش ۾ ڪڪرن جي لمبائي ٽي سئو نوري سال تائين آهي ان ڪڪرن کي great rift يا dark rift جي نالي سان سڃاتو ويندو آهي
اهڙا ئي گردش جا ڪڪر اسانجي ڪهڪشان جي مرڪز جي ويجهي بہ موجود آهن جنھن سان اسانکي ملڪي وي جو مرڪز عام اک سان ڏيکاربو ناهي سائنسدانن جو اندازو آهي اسان عام اک سان زميني تھ تي نو هزار ستارا ڏسي سگھندا آهيون هي سڀ جا سڀ اسانجي ويجهي هڪ هزار نوري سال جي احاطي ۾ ايندا آهن جڏهن تہ اسانجي ڪهڪشان هڪ کان ٻہ لک نوري سال تائين وسي آهي انجو مطلب هي آهي تہ ڪائنات ڇڏي اسان پنھنجي ڪهڪشان جو صرف هڪ سيڪڙو حصو عام اک سان ڏسي سگھندا آهيون.
حوالا
سنواريو- ↑ حوالي جي چڪ: Invalid
<ref>
tag; no text was provided for refs namedhubb-site-30-anniv
- ↑ 2.0 2.1 2.2 2.3 "Hubble Essentials: Quick Facts". HubbleSite.org. Space Telescope Science Institute. وقت July 6, 2016 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل.
- ↑ Ryba, Jeanne. "STS-31". NASA. وقت May 7, 2017 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل May 7, 2017. سانچو:PD-notice
- ↑ 4.0 4.1 حوالي جي چڪ: Invalid
<ref>
tag; no text was provided for refs namedcbsnews20130530
- ↑ "Hubble Space Telescope – Orbit". Heavens Above. وقت August 17, 2018 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل August 16, 2018. Unknown parameter
|url-status=
ignored (مدد) - ↑ 6.0 6.1 Nelson, Buddy. "Hubble Space Telescope: Servicing Mission 4 Media Reference Guide" (PDF). NASA/Lockheed Martin. صفحا. 1–5. وقت August 27, 2011 تي اصل (PDF) کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل May 31, 2018. Unknown parameter
|url-status=
ignored (مدد) - ↑ NASA. "FAQ for Scientists Webb Telescope". وقت February 10, 2022 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل February 15, 2022. Unknown parameter
|url-status=
ignored (مدد) - ↑ "Hubble Essentials". HubbleSite.org. Space Telescope Science Institute. وقت March 3, 2016 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل March 3, 2016. Unknown parameter
|url-status=
ignored (مدد) سانچو:PD-notice - ↑ "Hubble Marks 30 Years in Space with Tapestry of Blazing Starbirth". HubbleSite.org. Space Telescope Science Institute. وقت May 10, 2020 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل April 24, 2020. Unknown parameter
|url-status=
ignored (مدد) - ↑ Canright, Shelley. "NASA's Great Observatories". NASA. وقت June 20, 2015 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل April 26, 2008. Unknown parameter
|url-status=
ignored (مدد) سانچو:PD-notice - ↑ "NASA Announces New James Webb Space Telescope Target Launch Date". NASA. وقت July 18, 2020 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل September 10, 2020. Unknown parameter
|url-status=
ignored (مدد) سانچو:PD-notice - ↑ Overbye, Dennis (July 16, 2020). "NASA Delays James Webb Telescope Launch Date, Again – The universe will have to wait a little longer". The New York Times. https://www.nytimes.com/2020/07/16/science/nasa-james-webb-space-telescope-delay.html.
- ↑ "Hubble successor given mid-December launch date". BBC News. وقت September 9, 2021 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل September 10, 2021. Unknown parameter
|url-status=
ignored (مدد)