اسان جي جسم جي جوڙجڪ، واڌ ويجهه ۽ ان جا مختلف سرشتا، جهڙوڪ: هاضمي جو سرشتو، ساهه کڻڻ جو سرشتو، رت جو سرشتو، نسن جو سرشتو، ڄم جو سرشتو وغيره کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ قدرت جسم ۾ ٻه ڪنٽرول سسٽم رکيا آهن:

  • هارمون سرشتو يا اعصابي ڪنٽرول
مختلف قسمن جا ھارمون جسم اندر مختلف حياتياتي ڪم ڪندا آهن
  • نسن جو سرشتو يا ڪيميائي ڪنٽرول

هارمون اهي ڪيميائي رطوبتون آهن، جن کي جسم ۾ موجود مخصوص غدود (Glands) پيدا ڪن ٿا. انهن غدودن کي اينڊو ڪرائين غدود (Endocrine Glands) چئبو آهي، انهن غدودن جي خاصيت اها آهي ته، انهن ۾ ڪا به نالي ناهي ٿيندي، پر انهن جو پيدا ڪيل مادو سڌو سنئون رت ۾ شامل ٿي ويندو آهي، تنهن ڪري انهن کي بنا ناليءَ غدود (Ductless Glands) چئبو آهي.[1]

مختلف خاصيتن وارا هارمون يا ڪيميائي رطوبتون پيدا ڪرڻ وارا اهي غدود جسم ۾ ڪيترن هنڌن تي ملن ٿا. غدودن کان سواءِ جسم جي ڪجهه ٻين عضون، مثال طور: جيرو ۽ بڪيون به ڪجهه مخصوص رطوبتون پيدا ڪندا آهن.

مختلف قسمن جا هارمون جسم ۾ پنهنجو الڳ اثر پيدا ڪندا آهن. عام طور تي انهن جو ڪم جسم جي اندروني سرگرمين ۽ فعلن کي ڪنٽرول ڪرڻ آهي. ڪجهه اهم غدود ۽ انهن مان پيدا ٿيڻ وارن هارمون ۽ انهن جي ڪمن جي ڄاڻ هيٺ ڏجي ٿي:

بلغمي غدود (Pitutary Glands) سنواريو

هي غدود دماغ ۾ انسان جي کوپڙيءَ ۾ ٿئي ٿو. ان جا ٻه حصا ٿيندا آهن ۽ انهن ٻنهي حصن مان ڪيترائي هارمون خارج ٿي رت ۾ شامل ٿينداآهن، جيڪي جسم جي واڌ، جسم ۾ پاڻي جي سرشتي ۽ ٻين غدودن جي رطوبتن جي مقدار کي ڪنٽرول ڪندا آهن.

ورقي غدود (Thyroid Glands) سنواريو

هي غدود نڙيءَ ۾ ٿيندو آهي ۽ اهڙا هارمون پيدا ڪندو آهي، جيڪي اسان جي جسم جي واڌ ويجهه ۽ نشونما لاءِ نهايت ضروري آهن، ۽ جسم جي سڀني گهرڙن تي اثرانداز ٿيندا آهن.

بڪيائي غدود (Adrenal Glands) سنواريو

هي غدود بڪين جي مٿان ٿئي ٿو. ان مان پيدا ٿيندڙ هارمون بلڊ پريشر ۽ جذبن جي ردعمل کي ڪنٽرول ڪري ٿو ۽ جسم ۾ لوڻ کي به ڪنٽرول ڪري ٿو.

لبلبو سنواريو

لبلبي جو هارمون رت ۾ گلوڪوز جي مقدار کي ضابطي ۾ رکي ٿو. اهڙيءَ طرح جسم جا ٻيا غدود به مختلف هارمون پيدا ڪن ٿا، جيڪي جسم جي سرگرمين کي باقاعدگيءَ سان جاري رکڻ ۾ مدد ڏين ٿا. [2] [3]

  1. علم حياتيات درسي ڪتاب ڪلاس ڏهون ڇپائيندڙ سنڌ بڪ بورڊ ڄامشورو
  2. Sindhi Adabi Board Online Library (Science_n_Tech)
  3. ڪتاب: ٻالڪ سائنسي انسائيڪلو پيڊيا