نڪولس گومز ڊيويلا
نڪولس گومز ڊيويلا: Nicolás Gómez Dávila:(جنم:18مئي 1913۽ وفات:18 مئي 1994) ڪولمبيا جو مشھور ليکڪ رد عمل واري معاشرتي سياسي نظريي جو پرچارڪ ھو. ھن کي مشھوري عمر جي پوئين حصي۾ملي جڏھن ھن جي ڪتابن جو جرمن ٻولي۾ترجمو ٿيو. ھن ماڊرنٽي کي تنقيد جو نشانو بڻايو
نڪولس گومز ڊيويلا Nicolás Gómez Dávila | |
---|---|
گومز ڊيويلا 1930 ۾ جڏهن 17 سالن جو ھو | |
پيدائش | مئي 18 1913 بگوٽا، ڪولمبيا |
وفات | مئي 17, 1994 (عمر 80 سال) بگوٽا، ڪولمبيا |
قوميت | ڪولمبيائي يا ڪولمبين |
مادر علمي | يونيورسٽي آف پيرس يونيورسٽي آف لاس اينڊز،ڪولمبيا .(University of Los Andes) |
مذھب | رومن ڪيٿولڪ |
عهد | ويھين صديءَ جي فلاسافي |
مڪتبه فڪر | روايتي قدامت پسندي (Traditionalist conservatism) . سالميت جو نظريو يا انٽيگرلزم (Integralism) |
شعبه عمل |
سياست ۽ مذھب |
اهم نظريا |
ترديد ماڊرن ازم
(anti modernism ) ري ايڪشنري (Authentic reactionary) |
مؤثر شخصيتون
|
تفصيلي تعارف
سنواريوپيرس يونيورسٽي مان تعليم حاصل ڪندڙ گومز ڊيويلا بگوٽا ۾ پنھنجي گھر ۾ ھڪ وڏي لائبرري ٺاھي جنھن ۾ ٽيھ ھزار ڪتابن جا جلد گڏ ڪيا ھئائين ۽بن پنھجو گھڻو وقت اتي مطالعي ۾ گذاريندو هو.ھن جي ڪوششن سان 1948 ۾ بگوٽا ۾ لاس اينڊز يونيورسٽي قائم ٿي.جم پنھنجي لکڻين ۾ آزادخيالي، جمھوريت ۽ سوشلزم کي نشانو بڻايو.ھن کي اھم عھدن جون آڇون ٿينديون رھيون پر ھن ڪڏھن بہ قبول نہ ڪيون .انھن آڇن ۾ ملڪ جي صدر جي صلاحڪاري ۽ سفارتڪاري جو عھدو پن شامل ھيا.