نيپال جو ڪرشنا مندر

نيپال جو ڪرشنا مندر 1620ع ۾ ٺاهڻ شروع ٿيو هو ۽ 1637ع ۾ پورو ٿيو. ڏند ڪٿائن موجب، هڪ رات جو بادشاهه ناراسنگھا مَل کي خواب ۾ راڌا ۽ ڪرشنا محلات جي ٻاهران خواب ۾ نظر آيا. بادشاهه ان ئي جڳهه تي مندر اڏڻ جو حڪم ڏنو. ڪجھه سالن کانپوءِ باڊشاهه جي ٻي ملڪ سان جنگ لڳي ۽ هن ڪرشنا جي مدد سان اها کٽي ورتي. انڪري پوءِ وري هن ان مندر جي هڪ ڪاپي ياريپليڪا سندري چوڪ ۾ به اڏائي. ڪرشنا مندر جو آرڪيٽيڪچر شڪارا، چائنيز، تبتين ۽ نيپالي اسٽائيل جو مرڪب آهي. هن عمارت تي انڊين مغل آرڪيٽيڪچر جو به اثر نظر اچي ٿو. هن مندر جا ٽي طبق آهن، پهرين منزل ڪرشنا جي حوالي سان ته ٻي شوا جي نالي سان، ۽ ٽين وري لوڪيشور جي نالي سان منسوب آهي. مندر جي اندر رامائڻ جي حوالي سان تصويرون آهن. [1]

  1. نڪري پيس نيپال ڏانهن (اسحاق انصاري) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2016-09-16 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-07-31