نيو ٽيڪنالاجي يا نئين ٽيڪنالوجي صحت جي شعبي ۾ هڪ انقلاب آڻي رهي آهي، هاڻي تمام پتڪڙا ايسپرين جي گوريءَ جيترا محسوس ڪار (Sensor) انساني جسم ۾ فٽ ڪري سگهجن ٿا، جيڪي هن جو بلڊ پريشر نبض جي رفتار، ساهه جي رفتار ۽ آڪسيجن ليول ٻڌائي سگهندا. ڪئپسول ڪئميرائون سڄي هاضمي جي سرشتي جو معائنو ڪري سگهن ٿيون، ڪيترائي مرض سڃاڻي سگهن ٿيون ۽ ساڳئي وقت علاج به ڪري سگهن ٿيون. اسٽيم سيلز (Stem cells) مٿان ٿيندڙ ريسرچ لاعلاج مرضن جهڙوڪ ذيابطيس، اڌرنگي، دل جي دوري ۽ ڪئنسر لاءِ به علاج کي ممڪن بڻائي رهي آهي. مٿين سمورين نين ايجادن ۽ ٽيڪنالاجين کي ڏسندي، اهو يقين سان چئي سگهجي ٿو ته اڄ صحت جو سمورو نظام هڪ نئين تنظيم سازيءَ مان گذري رهيو آهي. [1]

  1. مستقبل جي علم حياتيات ۽ انساني صحت جي هڪ جهلڪي: ڊاڪٽر سڪندر مغل