نيو شوانسٽائن
بواريہ، جرمني ۾ محل
نيو شوانسٽائن (Neuschwanstein) جرمني بلڪہ دنیا جو خوبصورت ترين قلعو آھي۔ ھي جنوبي جرمن صوبي باويريا ۾ آسٽريا جي سرحد تي الپس جي جابلو سلسلي ۾ آھي۔ ھي اھا جرمن عمارت آھي جنھن جون سڀ کان وڌيڪ تصويريون ڪڍيون ويون آھن۔ جرمني ۾ سیاحن جي ڌيان جو ھي سڀ کان وڏو مرڪز آھي.

نالو سنواريو
جرمن ٻولي ۾ ھن جو پورو نالو شلاس نيوشوانسٽائن (Schloss Neuschwanstein) آھي۔ شلاس (قلعو)، نيو (نئون)، شوان (ھنس) ۽ سٽائن (پٿر)۔ هن جو نالو مشھور جرمن موسيقار ويگنر جي هڪ اوپيرا سان ڳنڍيل آھي۔
تعمير سنواريو
ھن قلعي کي 19 صدي ۾ باويريا جي بادشاھ لڊوگ دوئم اڏرايو. لڊوگ کي چريو بہ قرار ڏنو ويندو ھيو. قلعي جي تعمير مڪمل ٿيڻ کان پھريان ئي ھن کي اقتدار کان الڳ ڪريو ويو.