نيوڪليائي ڇَٽي يا نيوڪلير امبريلا (انگريزي ٻولي: Nuclear Umbrella) اصطلاح مان مراد هي آهي ته ڪنهن به ملڪ ۾ جيڪڏهن نيوڪليرائي ٽيڪنالاجي ۽ ان منجهان ٺهيل هٿيار موجود هجن ۽ اهو ساڳي ٽيڪنالاجيءَ يا صلاحيت کان محروم مُلڪ کي نيوڪليائي ٽيڪنالاجي فراهم ڪري يا وقت اچڻ تي استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏئي، ته نيوڪليائي صلاحيت حاصل ڪندڙ مُلڪ نيوڪليائي ڇٽيءَ هيٺ آيل مُلڪ سڏائيندو آهي. دُنيا ۾ وڌندڙ نيوڪليائي لاڙن کي روڪڻ ۽ اهڙي صلاحيت کي هڪ هنڌ محفوظ ڪري، ٻين مُلڪن کي تحفظ جو احساس ڏيارڻ جي حوالي سان، هن اصطلاح عالمي برادريءَ ۾ تمام گهڻي مشهوري ماڻي. آمريڪا طرفان ”نيٽو“ اتحاد ۾ شامل غير نيوڪليائي ملڪن جي دلداريءَ ۽ تحفظ لاءِ ۽ هن اصطلاح جي استعمال تي تمام گهڻو زور ڏنو. خاص طور ”ٿڌي جنگ“ واري صورتحال دوران سوويت يونين جي وڌندڙ اثر کي نظر ۾ رکندي، جڏهن يورپي مُلڪن ۾ ڳڻتي پيدا ٿي، ته آمريڪا انهيءَ ڳڻتيءَ جي خاتمي لاءِ کين پنهنجي نيوڪليرائي پروگرام ۾ حصيداريءَ جي پڪ ڏياري ۽ کين ڪنهن حد تائين ٽيڪنالاجي پڻ فراهم ڪئي. ان قسم جي مدد سان ڪيترن غير نيوڪليائي يورپي مُلڪن کي به بجليءَ جي پيداوار، صحت ۽ ٻين شعبن ۾ صلاحيت بهتر بنائڻ جو موقعو مليو. سوويت يونين ۽ آمريڪا وچ ۾ ائٽمي هٿيارن جي ڊوڙ واري دور ۾، هي اصطلاح ”طاقت جي توازن“ کي چٽو ڪرڻ لاءِ به استعمال ڪيو ويندو هو.[1]

حوالا سنواريو