استاد نياز حسين سنڌ جو ناميارو موسيقار هو. سندس -جنم- 1936 ۾ حيدرآباد، سنڌ ۾ ٿيو. پاڻ سنڌي فائينل پاس هو. موسيقيءَ جي -تعليم- پنهنجي والد استاد بيبي خان، پنهنجي چاچي -استاد- مبارڪ علي خان کان سواءِ تمام وڏن وڏن موسيقارن کان ورتائين. ريڊيو -پاڪستان- حيدرآباد تي سازندي طور ڀرتي ٿيو، پر سڄي عمر ڪيترن ئي فنڪارن جي موسيقيءَ جي اڳواڻي ڪندو رهيو. استاد نياز حسين پهريون موسيقار هو، جنهن شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي وائيءَ کي نج سنڌي انداز ۾ ڪمپوز ڪيو. -استاد نياز حسين- -ان- لاءِ پنهنجن فرزندن ذوالفقار علي، مظهر حسين ۽ نذر حسين جي مدد سان اهڙو اهم تجربو ڪيو، جنهن سان شاهه جي پيغام ۽ موسيقيءَ کي سمجهڻ ۾ آساني ٿي. -استاد نياز حسين- کي زندگيءَ ۾ مڃتا طور لال شهباز قلندر اَوارڊ، مصري شاهه اَوارڊ، سچل سرمست اَوارڊ، جڏهن ته سندس وفات کان پوءِ 2002ع ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي اَوارڊ ڏنو ويو. ريڊيو -پاڪستان- جي لائبريريءَ ۾ موسيقيءَ جا 500 کان مٿي رڪارڊ موجود هئا، -جن- ۾ شاهه جون وايون، ڪافيون، گيت، غزل، ٻارن جا گيت، ڪورس جا گيت، هارين جا گيت، گيتن -ڀريون- ڪهاڻيون وغيره شامل آهن. هو روزانو ريڊيو -پاڪستان- حيدرآباد -تان- براه راست (Live) ڳائڻن کان ڳارائيندو هو. استاد نياز حسين 7 فيبروري 1992ع تي وفات ڪئي. کيس حيدرآباد جي ٽنڊي يوسف واري قبرستان ۾ دفنايو ويو. سندس فرزند ذوالفقار علي، مظهر حسين ۽ نذر حسين سندس ورثي کي سنڀاليندا اچن ٿا.[1]

حوالا سنواريو