نواب احمد خان لغاري

نواب احمد خان لغاري 1207ھ/1792ع ۾ ڄائو. ٽالپر حڪومت جي مشهور وزير اعظم نواب ولي محمد خان جو وڏو فرزند هو. پنھنجي والد جي نظر هيٺ عربي ۽ فارسي جي تعليم حاصل ڪيائين، پوءِ باقاعدي وزارت جي تربيت حاصل ڪري ٽالپرن جي درٻار ۾ داخل ٿيو. انگريزن ۽ ٽالپرن جي عھد نامن دوران نواب احمد خان ايلچي رهيو. پاڻ باهمت انسان هو، سندس عوام ۽ راڄن سان دلي محبت هئي. هو سندن ڀلائي ۽ بھبود خاطر هميشہ ڪوشان رهندو هو. همت ۽ مردانگيءَ سان گڏ سندس طبيعت ننڍي هوندي کان فقيريءَ ڏانھن مائل هئي، جنھنڪري ٺٽي جي درويش شاھ بلاول جو مريد ٿيو، جيڪو بعد ۾ لڏي ڀين ۾ آيو ۽ ڀين وارو صاحب سڏجڻ لڳو.

مير صاحبن جي اسرار تي شاھ بلاول جڏهن سنڌ ڇڏي مسقط ڏانهن روانو ٿيو تہ ويندي وقت نواب احمد خان کي چيائين تہ مريد اسان جو آهين، پر صحبت وڃي صوفي فضل الله قلندر سان ميرانپور (جھوڪ) ۾ ڪر، انھيءَ کانپوءِ نواب احمد خان صوفي شاھ قلندر جو مريد ٿيو. هتان کانپوءِ نواب (لغاري) خاندان جو تعلق لڳاتار جھوڪ شريف سان قائم ٿيو، جيڪو اڄ تائين قائم آهي. نواب احمد خان لغاري 19 ذوالقعد 1286ھ/21 فيبروري 1870ع تي پنهنجي ڳوٺ مرزانپور جاگير ۾ وفات ڪئي، کيس جھوڪ شريف ۾ دفن ڪيو ويو. سندس اٿڻي ويھڻيءَ ۾ فقيري ۽ درويشي نمايان هوندي هئي. هن جي زندگي صوفياڻي زندگيءَ جو چٽو نمونو هئي. سندس اهڙو فڪر ۽ خيال کانئس پوءِ سندس اولاد ۽ خاندان جي ٻين شاعرن ۾ بہ ملي ٿو. نواب احمد خان صاحب صوفياڻو فڪر رکندڙ شاعر هو. سندس شاعريءَ ۾ تصوف ۽ حقيقت جي حب جو ذڪر گھڻو ملي ٿو. هن پنھنجي شاعريءَ ۾ اخلاقي ۽ معاشرتي قدرن کي اجاگر ڪيو آهي ۽ سندس شاعريءَ ۾ بھتر انسان ٿي بھتر زندگي گذارڻ ڏانهن اشارا موجود آهن.[1]