ننڍي کنڊ ۾ وهابيت

اڻويهين صديءَ جي شروع ۾ عرب جي وهابين جي تحريڪ (Wahhabi movement) هندستان ۾ داخل ٿي، راءِ بريلي جي مولانا سيد احمد شهيد بريلوي (Syed Ahmad Shaheed Barelvi) هندوستان ۾ لاڳو ڪرڻ جي ڪوشس ڪئي (جتان هيءَ تحريڪ وڏي تيزيءَ سان مٿانهين هندستان ۾ پکڙجي ويئي). انهن ڏينهن (1823ع) ۾ ڪجهه پيروڪارن سان گڏ هو پاڻ به اترين اولاهين سرحدي صوبي کان ٽپي ويو ۽ يوسف زئي قبيلن جي علائقي ۾ مجاهدن جو هڪ ڳوٺ قائم ڪيائين. شروعات ۾ ان جو مقصد سرحدي قبائلين کي سکن جي خلاف جهاد جي لاءِ ڀڙڪائڻ هو، جيڪي ان وقت پنجاب تي قابض هئا.

هندستان ۾ 1865ع کان 1873ع تائين وهابين جي خلاف عدالتي تحقيقات ۽ ڪيسن جي ڊگهن سلسلن دوران، هندستان ۾ سازشون ڪرڻ ۽ پئسو گڏ ڪري، ان کي سرحد پار موڪلڻ واري هڪ جماعت جي خبر پئي هئي، جنهن تي ڪيترن ئي وڏن وڏن وهابين کي سزائون ڏنيون ويون هيون.

ان کان پوءِ هندستان ۾ وهابي عقيدي کا مڃڻ وارا پاڻ کي مختلف نالن سان سڏائڻ لڳا، جيئن اهلحديث، غيرمقلد، فرازي وغيره. 1910ع ۾ هيءَ تحريڪ وري ٻيهر ڪر کڻندي نظر اچي ٿي.[1] [2]

  1. تحريڪ ريشمي رومال ۽ سنڌ (ڊاڪٽر ابوسلمان شاهه جهانپوري) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2017-09-12 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-09-19 
  2. ڪتاب: تحريڪ ريشمي رومال ۽ سنڌ، ليکڪ: ڊاڪٽر ابوسلمان شاهه جهانپوري