ننڍي ڌرتي، وڏي ڌرتي

اسان جنهن ڌرتي تي رهون ٿا، اها ننڍڙي به آهي ته وڏڙي به آهي. اها ڳالهه ٻڌي گھڻن کي تپرس وٺي ويندو ته اهو وري ڪيئن؟ دنيا جي هر شئي جي قد بت، ٿولهه، ويڪر ۽ ڊيگھه وغيره جي اسان کي سُڌ تڏهن پوي ٿي، جڏهن اسين ان جي ڪنهن ٻيءَ شئي سان ڀيٽ ڪيون ٿا. جيڪڏهن ڀيٽ نه ڪبي ته ڪنهن به شئي جي وڏي يا ننڍي هجڻ، ڊگھي يا بندري هجڻ، ٿلهي يا سنهي هجڻ، پراڻي يا نئين هجڻ، آڳاٽي يا هاڻوڪي هجڻ، سهڻي يا ڪوجھي هجڻ، سوادي يا بي سواد هجڻ، وڻندڙ يا اڻوَڻندڙ هجڻ، سياڻي يا اياڻي هجڻ، سڌريل يا اڻسڌريل هجڻ، ڊولائتي يا بيڊولي هجڻ ۽ اهڙن ٻين ڪيترن ئي گُڻن يا اَوگڻن جي ڪا به صحيح سُڌ نه پوندي. هڪ شئي جي ٻي شئي سان ڀيٽ جو اهو اصول اسان جي سِجَ، ڌرتيءَ ۽ ٻين تارن ۽ سيارن تي به لاڳو ٿئي ٿو. ڌرتي به ڪيترين ئي شين جي ڀيٽ ۾ ڏاڍي وڏي آهي، پر ساڳيءَ ئي مهل اها ڪيترين ئي ٻين شين جي ڀيٽ ۾ ڏاڍي ننڍي به آهي. سمجھو ته ڌرتيءَ کي زور ڏئي، دٻائي، سُسائي، سوڙهو ڪري، هڪ مَٽر جي داڻي جيترو ڪيون ٿا ۽ سج تي به اوترو ئي داٻ وڌو وڃي ته سج جو قدبت سمجھڻ لاءِ اسان کي مٽر جا 13 لک داڻا گڏ ڪرڻا پوندا. ان جو مطلب ته سج ڌرتيءَ کان 13 لک ڀيرا وڌيڪ وڏو آهي. ڀيٽ ڪرڻ کانپوءِ هاڻي اسين سوچي سگهون ٿا ته ڌرتي، سج جي ڀيٽ ۾ ڪيتري ننڍڙي آهي. يعني 13 لک ڌرتيون گڏبيون ته اسان جي سج جيڏو گولو ٺهندو پر سج ۾ اسان جي ڌرتيءَ جيان نهراڻ ۽ پاڻياٺ ڪانهي، سج رڳو گئسن جو مجموعو آهي. [1][2][3]

Morgan-Keenan spectral classification of stars. Most common star type in the universe are M-dwarfs, 76%. The sun is a 4.6 billion year-old G-class (G2V) star and is more massive than 95% of all stars. Only 7.6% are G-class stars

حوالا سنواريو

  1. ڌرتي منهنجو گهر (ڊاڪٽر محبت ٻرڙو) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2017-09-12 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-07-26 
  2. HD 98649 - Wikipedia
  3. ڪتاب: ڌرتي منهنجو گهر، ليکڪ: ڊاڪٽر محبت ٻرڙو