ننڍين آکاڻين جو پهريون اوريجنل ڪتاب ”پنج“ نالي سان سنڌ جي قابل اديب مسٽر عثمان علي انصاريءَ ميرپورخاص مان شايع ڪيو، جنهن جون پنج ئي آکاڻيون اسان جي دل تي عجيب ڪيفيت طاري ڪن ٿيون. رسالو عبرت به هن ڏس ۾ سندر ساهتيه ۽ رتن کان پٺتي ڪو نه پيو، ۽ مسٽر محمد عثمان ڏيپلائيءَ جون اٽڪل اسي کن آکاڻيون شايع ڪيائين، جن مان ”هار“، ”اقبال جي ڀيڻ“ ۽ ”پنج گڏيون“ ڪافي مشهور آهن. انهيءَ حوالي اهو ذڪرڪرڻ پڻ ضروري ٿيندو ته اهڙي هڪ ننڍي آکاني مسٽر محمد خان غنيءَ پڻ ”محروم تمنا“ جي نالي سان ترجمو ڪري 1946ع ۾ ڇپائي هئي. رسالي ”آگي قدم“ ۽ ”باغيءَ“ ۾ به چڱيون چڱيون ڪهاڻيون شايع ٿيون هيون ۽ هينئر وري ”ادبي اداري سنڌ“ هن راهه ۾ قدم رکيو آهي. [1]