ننڍو ڦوٽو. هڪ قسم جو خوشبودار -ٻج-، جيڪو مصالحي ۽ دوا طور ڪم ايندو آهي. اڳي هيءُ ٻوٽو ڀارت ۽ سريلنڪا ۾ ٿيندو هو، پر -پاڪستان- کان پوءِ هن -ٻوٽي- تي ڪامياب تجربا ڪري، سنڌ جي سامونڊي ڪناري جي آبهوا ۾ پوکيو ويو آهي، تنهنڪري هاڻي ائين چئي سگهجي ٿو ته هي ٻوٽو سنڌ جي سامونڊي ڪناري جي پيداوار آهي.[1]

ڦوٽا
True cardamom (E. cardamomum)
Processed Cardamom pods
سائنسي درجا بندي
ڪنگڊم: پلانٽاء
(unranked): اينجيواسپرمس
(unranked): مونوڪاٽس
(unranked): ڪمولينيڊس
ترتيب: زنجيبرالز
خاندان: زنجيبريسياء
جينرا
ڦوٽي جا ٻج

ڦوٽو: الائچي:ڪارڊمم:Cardamom : (/ˈkɑrdəməm/)يا ڪڏھن ڪڏھن cardamon يا cardamum لکبو آھي.[2]اھو ھڪ مصالحي جو قسم آھي جيڪو ٻوٽن جي زنجيبريسياء جنسن ايمامم Amomum ۽ ايلٽيريا Elettaria مان ملندو آهي. اھي ٻئي جنسون ڏکڻ ايشيا جي ڀوٽان ۽ نيپال سميت انڊونيشيا ۾ عام آھن.

تفصيلي تعارف سنواريو

اھي داڻن جي صورت ۾ ٻج ھوندا آھن جن مٿان سنھون ڇلڪو ھوندو آھي .انھن ۾ ايلٽيريا ھلڪي سبز رنگ جا ھوندا آھن

 
ڪيرالا جو خشڪ ننڍو ڦوٽو ۽ کليل ڇلڪي ۾ بہ ڏيکاريل

جن کي عام طور تي ننڍا ڦوٽا چئبو آهي ۽ ايمامم تيز ناسي رنگ جا وڏي سائيز وارا ھوندا آھن جن کي عام طور تي وڏا ڦوٽا چيو ويندو آهي. ڦوٽن يا الائچي جي واپار جو پھريون حوالو سريلنڪا کان واپار جو ملي ٿو جيڪو ٻارھين صدي عيسويءَ جو حوالو آهي [3] ھاڻوڪي زماني ۾ ان جي پوک گوئيٽيمالا، ملائيشيا ۽ تنزانيا ۾ پڻ ٿئي ٿي.[4] گوئيٽيمالا ۾ ڦوٽو انڊيا جي ڪيرالا مان جرمنيءَ جي ڪافي جي آبادگار آسڪر مجوس ڪلوفر پھرين جنگ عظيم کان اڳ منتقل ڪري متعارف ڪرايو ء گوئيٽيمالا سن 2000 کان دنيا جو سڀ کان وڏو ڦوٽا پيدا ڪندڙ ملڪ ٿي ويو آهي [5]زعفران ۽ ونيلا کان پوءِ ڦوٽو دنيا جو ٽيون نمبر مھانگو مصالحو آهي. [6] ننڍن ڦوٽن کي الائچي چئبو آھي جيڪو لفظ اصل ۾ ايلاچي آهي.قديم زماني کان وٺي سنڌ جا ماڻهو ملبار طرف جي رهاڪن سان وڻج واپار ڪندا آيا آهن، ته انهيءَ ڳالهه جو ٻوليءَ تي به اثر ٿيو آهي. مثلاً، ”ايلاچي“ اصل ۾ دراوڙي (Dravidian) لفظ اهي، جو اول سنسڪرت ۾ چالو ٿيو. سنسڪرت ۾ رڳو چون ”ايلا“، پر اسين چئون ”ايلاچي“. پڇاڙي (Suffix) ڪئنريز ٻوليءَ مان ورتي اٿئون، جيئن مسٽر دويٽيا پنهنجيءَ ٺاهيل گجراتيءَ ٻوليءَ جي تاريخ ۾ ڄاڻايو آهي.[7]

طب سنواريو

نالا: ع. قاقله، ف. هيل، هه. وغيره___ الائچي، ابل، شوشمار ۽ شـہ فيون. اثر: گرم خشڪ 2، نقصان: ___-، ميل: ڪتيلو، عيوض: ڪباب چيني، وزن: اڌ ماسي کان هڪ ماسي تائين. سڃاڻپ: هڪڙا ننڍا ڦوٽا، ٻيا نر ڦوٽا، نر ڦوٽي جي کل ڪاري ٿيندي آهي ۽ ننڍي ڦوٽي جي کل ڀوري ٿيندي آهي. کل کي چيربو ته اندران ڪارسرا سنها داڻا نڪرندا. خاصيت: دل ۽ دماغ کي خوش ڪندڙ آهن، معدي ۽ جگر کي طاقت ڏين ٿا، طعام کي هضم ڪن ٿا، وائي باديءَ کي تحليل ڪن ٿا، بک وڌائين ٿا، پيٽ جي سور، اوڪارن ۽ الٽيءَ ۾ مفيد آهن. دستن ۽ رت جي دستن کي بند ڪرڻ لاءِ اُهي ٿاڌل وانگي گهوٽي پيارڻ گهرجن. وات کي خوشبودار ڪرڻ لاءِ وات جي ڦٽن ۽ ڦرڙين، پچڻ ۽ ڦلارجي پوڻ جي حالت ۾ مفيد آهن.[8]،

گئلري سنواريو

حوالا سنواريو

  1. ايلاچي (ڦوٽو) : (Sindhianaسنڌيانا)
  2. cardamon. dictionary.com
  3. Weiss, E. A. (2002). Spice Crops. CABI. pp. 299. ISBN 0851996051. https://books.google.com/books?id=RqqTdAwXev4C&lpg=PA300&ots=E8VmY8oc3o&dq=cardamom%20cultivation%20sri%20lanka&pg=PA299#v=onepage&q=cardamom%20cultivation%20sri%20lanka&f=false. 
  4. Weiss, E. A. (2002). Spice Crops. CABI. pp. 300. ISBN 0851996051. https://books.google.com/books?id=RqqTdAwXev4C&lpg=PA300&ots=E8VmY8oc3o&dq=cardamom%20cultivation%20sri%20lanka&pg=PA300#v=onepage&q=cardamom%20cultivation%20sri%20lanka&f=false. 
  5. [http://timesofindia.indiatimes.com/city/kochi/Kerala-cardamom-trying-to-fight-off-its-Guatemalan-cousin/articleshow/34016620.cms Shenoy Karun, Kerala cardamom trying to fight off its Guatemalan cousin", The Times of India , 21 April 2014]; accessed 25 July 23014.
  6. Williams, Olivia (2014). Gin Glorious Gin. London: Headline Publishing Group. p. 283. ISBN 978-1-4722-1534-5. 
  7. {ڪتاب: قديم سنڌ ؛ از: ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ؛ چوٿون ايڊيشن 2004، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book46/Book_page26.html#_ftn27.  Missing or empty |title= (مدد)
  8. ڪتاب فرھنگ جعفري :؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ايڊيشن: 2007؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو