لٽل اينتينت (Little Entente) يا ننڍو اتحاد 21-1920ع ۾ چيڪوسلواڪيا جي صدر ايڊورڊ بينس جي ڪوششن سان، چيڪوسلواڪيا، رومانيا ۽ يوگوسلاويا وچ ۾ ٿيو. هن ٺاهه جو خاص مقصد يورپ ۾ پهرين عالمي جنگ کانپوءِ ٿيندڙ گڏيل دفاع واري جاکوڙ يا امن واري مصلحت (1919ع) کي برقرار رکڻ ۽ ميمبر ملڪن کي هنگري ۽ بلغاريا جي امڪاني حملن کان بچائڻ هو. جرمنيءَ جي امڪاني حملن کان حفاظت لاءِ ٿيل مٿين مُلڪن وچ ۾ هن ٺاهه جي تمام گهڻي پٺڀرائي ڪندي، فرانس مٿين ٽنهي مُلڪن جي اقتصادي ۽ فوجي مدد ڪئي. ميمبر ملڪن ۾ اختلافن سبب 1936ع ۾ هي ‎ٺاهه ڊهڻ شروع ٿيو ۽ 1938ع ۾ مڪمل طور ختم ٿيو. [1]

حوالا سنواريو