نند لال جويري
نند لال جويري(انگريزي: Nandlal Juveri) نند لال ولد هري لال، ادبي دنيا ۾ نند جويري جي نالي سان ناماچار ماڻيندڙ آهي. هند-سنڌ جي اديبن ۽ شاعرن کان نند ڳجهو ته ڪين آهي، جو سندس شخصيت (نج) ۽ فن کي ويهي وائکو ڪجي، تاهم رڪارڊ جي شاهدي لاءِ اهو ضروري آهي ته هو اصل ۾ شهر شڪارپور جو ڄايو آهي[1]. سن 1936ع ۾ شڪارپور جي جهول جهليو ۽ 1947ع ۾ ورهاڱي ۾ جدا ٿي ويو[1]. سن 1987ع ۾ پنهنجي جنم ڀومي ۽ پاڙي پنبي جي سڪ کيس هتي ڇڪي آندو، ۽ هو اُنهن ئي گهٽين ۽ گامن تي چند گهڙيون ٽلندي واپس وري ويو. سندس جذبن جي جولانين ۾ ڳوڙهو فڪر ۽ فلسفو سمايل آهي. نند جويري جي ڪويتائن جو هڪ مجموعو “چو واٽي تي” جي نالي آهي، جنهن ۾ هن ڪيئي صفحا پنهنجي وطن جي وڇوڙي ۾ لکيا آهن[1]. شڪارپور تي لکيل هن جو طويل نظم احساسن جو اٿاهه ساگر آهي، جنهن جي سٽ-سٽ ۾ احساسات ۽ جذبات جو اثر نمايان نظر اچي ٿو. هو جيڪڏهين پنهنجي هٿ سان رڳو لفظ “شڪارپور” به لکي ٿو ته ان لفظ ۾ ڪيئي معنيٰ جا موتي ٿو سموهي[1]. شيخ اياز لکي ٿو ته “نند لاءِ پنهنجي ابدي “مان” کان وڌيڪ شڪارپور جي اهميت آهي، جتي هن جي “مان” جي اوسر ٿي هئي ۽ جنهن کان ورهاڱي کان پوءِ هو اوچتو ڪٽجي ويو. هن نظم “ڌرتي” هڪ شاهڪار نظم آهي[1].
حوالا
سنواريو- ↑ 1.0 1.1 1.2 1.3 1.4 ڪتاب جو نالو: شڪارپور تاريخ جي آئيني ۾ مصنف:نقش ناياب منگي / حسيب ناياب منگي؛ ڇپائيندڙ: سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد شايع ٿيڻ جو سال:2017 [1] آرڪائيو ڪيا ويا 2020-12-02 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. -