جنازي جي نماز(انگريزي: Funnrel prayers) اسلام ۾ فرض ڪفايه آھي. ھن نماز جا ٻہ فرض ھوندا آھن[1]:

  1. چار دفعا الله اڪبر چوڻ.
  2. قيام ڪرڻ.

ھر تڪبير ھڪ رڪعت جي جڳھ تي آھي. ڪنھن عذر کانسواءِ ويھي نماز پڙهڻ جائز ناھي. جنازي جي نماز جون ٽي سنتون آهن[1]:

  1. خدا جو حمد يا ثنا ڪرڻ.
  2. نبي ﷺ تي درود موڪلڻ.
  3. ميت لاء دعا ڪرڻ.

ھڪ کان وڌيڪَ جنازن جون علحده جنازي نمازون پڙھي سگھجن ٿيون ۽ سڀني جي ھڪ جنازي نماز پڻ ٿي سگھي ٿي[1]. نماز وقت ميت جو مٿو اتر طرف ۽ پير ڏکڻ طرف رکبا آهن. سني حنفي مذھب مطابق ھي نماز ٽھڪ ڏئي کلڻ سان فاسد نہ ٿيندي آهي[1]. مرد جي پاسي م عورت جي بيھڻ سان بہ فاسد نہ ٿيندي آهي[1]. حنفي مذھب مطابق نماز شروع ٿيڻ کان پوء امام جي نئين تڪبير چوڻ وقت شامل ٿبو جيڪا تڪبير تحريمه ٿي ويندي آهي . امام جي سلام ورائڻ وقت اھو شامل ٿيندڙ باقي تڪبيرون چئي سلام ورائيندو آھي[1].

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 1.4 1.5 - ڪتاب: آسان فقه، از: مولانا محمد يوسف اصلاحي، مترجم: محمد عاشق ڌامراھا، مھراڻ اڪيڊمي شڪارپور، جنوري 2002 - صہ 292,293,294