پهچ، خيال، نقطئه نظر يا اَپروچ (Approach) ڪنهن به مسئلي يا سوال کي غور هيٺ آڻڻ ۽ مليل معلومات جي ڇنڊڇاڻ ڪري، ان کي قبولڻ يا رد ڪرڻ جي عمل کي چئبو آهي. جنهن تحت بين الاقومي مامرن ۾ مليل رستن يا دڳن (Options) مان مناسب جي چونڊ ڪري سگهجي. ان ذريعي علمي مقصدن لاءِ ڪجهه معيار قائم ڪندي، ڪارائتن ۽ هاڪاري خيالن کي مڃڻ ۽ ناڪاري رخن ۽ پاسن کي رد ڪيو ويندو آهي. ’اپروچ‘ ذريعي ڪنهن به مسئلي کي خاص رُخ کان ڏسڻ ۽ ان بابت تفصيلي وضاحتون بيان ڪري سگهجن ٿيون. مختلف عالم پنهنجي فڪري پورهيي يا ورتاءَ کي بيان ڪرڻ لاءِ مختلف طريقا استعمال ڪن ٿا. بين الاقوامي لاڳاپن ۾ نظرين ۽ خيالن کي بيان ڪرڻ لاءِ هي طريقو اختيار ڪيو ويندو آهي . مثال طور، ڪارل مارڪس جو معاشيات بابت تجزيو اصل ۾ انصاف واري انساني سماج جي اڏاوت جي سلسلي ۾ هڪ خاص فڪري ورتاءَ جي حيثيت رکي ٿو. [1]

حوالا سنواريو

  1. سنڌي آنلائين ڊڪشنري آرڪائيو ڪيا ويا 2019-02-06 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد