نظرين جو علم (Ideology) نظريا مختلف قسمن جا ٿيندا آهن، مثال طور انساني ارتقا جو نظريو، سياسي ، سماجي نظريا، فڪري نظريا، معاشي نظريا ٻولين بابت نظريا وغيره وغيره. هي اصطلاح سڀ کان پهرين ڊيسٽٽ ٽريسي (1754- 1836ع) استعمال ڪيو هو. مختلف مڪتب فڪر جي ماڻهن جي خيالن تي مبني عقيدن جي اڀياس کي نظرين جو علم (Ideology) چيو ويندو آهي. هندستان جو ورهاڱو ٻه قومي نظريي (Two Nation Theory) جي آڌار تي ٿيو. اهو ٻه قومي نظريو هن پوري ننڍي کنڊ جي ادب جو هڪ اهم موضوع به رهيو آهي.[1]

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي