زمرو:زولاجي

نسن جو نظام(جانورن ۾ ): venous system: جاندارن ۾ نسون رت جي نالين جو مجموعو آھن. جيڪي جسم جي سڀني حصن مان رت کڻي دل کي پھچائين ٿيون. نسن جو سرشتو ھيٺين مکيہ حصن تي مشتمل آهي:

  1. خراب رت ڦڦڙن مان ٿيندي پلمونري نس ذريعي دل جي کاٻي ڪنوتيء ۾ داخل ٿئي ٿي.
  2. جانورن جي مٿي ۽ اڳين ڄنگھن مان خراب رت جي ڪيترين ئي رڳن يا نسن ذريعي گڏ ٿي ھڪ مکيہ نس پريڪيول Precaval vein ڏانھن وڃن ٿيون. ھي ٻئي پريڪيول نسون سائنس وينوسس ۾ داخل ٿين ٿيون، جتان رت دل جي ساڄي ڪنوتيء ۾ واپس ٿئي ٿي.
  3. جانورن جي سڄي جسم جي ھيٺين حصي جھڙوڪ معدو، آنڊو، جيرو، لبلبو، جنسي عضوا، پويون ڄنگھون وغيره مان رت ننڍين ننڍين نسن ذريعي گڏ ٿي ھڪ مکيہ نس پوسٽ ڪيول ۾ داخل ٿين ٿيون.