نسل-زي جي تعليم
نسل-زي يا جنريشن-زي يا مختصر لاءِ Gen-Z، عام طور تي "زومرز" جي نالي سان پڻ سڃاتل آهي،[1] [2] هڪ آبادياتي يا انساني نسل جو اهو حصو آهي، جيڪو ٻئي ملينيئم (هزارين سال)، 2000ع جو حوالي سان سڃاتو وڃي ٿو ۽ اڳوڻي نسل، "الفا" جو جانشين طور آهي.[3] محقق ۽ مشهور ميڊيا 1990ع جي ڏهاڪي کي شروعاتي ڄمڻ جي سال ۽ 2010ع واري ڏهاڪي جي شروعات ۾ ڄمڻ وارن کي هن نسل جي حوالي سان استعمال ڪن ٿا.[4] هي مضمون خاص طور تي جنريشن-زي (Z) جي تعليم تي ڌيان ڏئي ٿو.
سڄي دنيا ۾، نسل-زي (Gen Z) کي عام طور تي ترقي يافته ۽ ترقي پذير ملڪن ۾ پرائمري اسڪولن ۾ داخلن جي وڏي شرح سان سڃاڻن ٿا.[5]
آرگنائيزيشن فار اڪنامڪ ڪوآپريشن اينڊ ڊولپمينٽ، او اي سي ڊي (OECD) پنهنجي 36 ميمبر رياستن ۾ تعليمي خرچن ۽ ڪاميابين تي تحقيق جي حمايت ڪئي آهي ۽ ڏٺائين ته جڏهن 2000ع جي شروعات ۾ خرچن ۾ اضافو ٿيو، تعليمي ڪارڪردگي گهڻو ڪري جمود ۾ اچي وئي پر چين ۽ سنگاپور جا شاگرد، ٻئي او اي سي ڊي کان ٻاهر، پنهنجن همعصرن کان اڳتي وڌڻ لڳا. او اي سي ڊي (OECD) سماجي ۽ اقتصادي پس منظر کي تعليمي ڪاميابي ۾ اهم عنصر قرار ڏئي ٿو، جڏهن ته، ڪجهه ملڪ پس منظر ۽ ڪارڪردگي جي وچ ۾ ڪمزور رابطي جو مظاهرو ڪن ٿا، مطلب ته انهن (چين ۽ سنگاپور) ملڪن ۾ سڀ کان وڌيڪ برابري وارو تعليمي نظام آهي.[6]
ڪورونا وائرس وبا، ڪووڊ-19 (COVID-19) جي وبائي مرض لڳ ڀڳ ڏيڍ ارب شاگردن جي تعليم کي متاثر ڪيو آهي، جيئن يونيسڪو جي مطابق، وبا جي پهرئين سال 165 ملڪن ۾ اسڪول پنهنجا دروازا بند ڪري ڇڏيا آهن ۽ 6 ڪروڙ استادن کي گهر موڪليو ويو.[7] وبائي مرض جي پهرين سال دوران اسڪول جزوي طور تي يا مڪمل طور تي، تقريبن 80 سيڪڙو تعليم واري وقت لاءِ بند ڪيا ويا. ڪجهه ملڪن ڏورانهن علائقن ۾ انٽرنيٽ تائين رسائي کي وڌايو يا قومي ٽيليويزن تي وڌيڪ تعليمي مواد نشر ڪيو.[8] هي اختيار سڀني مقصدن ۾ نه هو ڇو ته انٽرنيٽ جي رسائي خاص طور تي مختلف هئي ۽ سڄي دنيا ۾ 25 سالن کان گهٽ عمر وارن ماڻهن جو ٻه ٽيون گهر ۾ انٽرنيٽ تائين رسائي نه هئي.[9]
2000ع جي ڏهاڪي جي شروعات ۾، اڀرندڙ معيشتن مان شاگردن جو وڏو تعداد اعليٰ تعليم لاءِ پرڏيهه وڃي رهيو هو. اهو ڪيترن ئي مغربي يونيورسٽين لاءِ ترقي جو سونهري دور هو، جيڪيون بين الاقوامي شاگردن کي داخل ڪري رهيي هيون.[10] بهرحال، ڪووڊ-19 ( COVID-19) هن سونهري دور کي ختم ڪري ڇڏيو.[11]
هي مضمون نسل-زي (Gen-Z) جي تعليم، بشمول عالمي رجحانات ۽ ايشيا، يورپ، اتر آمريڪا ۽ اوشيانا لاء اضافي معلومات تي مبني آهي.
عالمي رجحانات
سنواريوايشيا ۾
سنواريويورپ ۾
سنواريواتر آمريڪا ۾
سنواريواوشيانا ۾
سنواريوحوالا
سنواريو- ↑ "Words We're Watching: 'Zoomer'". Merriam-Webster. حاصل ڪيل January 30, 2020.
- ↑ "zoomer". Dictionary.com. حاصل ڪيل 14 June 2020.
- ↑ Williams, Alex (September 19, 2015). "Meet Alpha: The Next 'Next Generation'". The New York Times. https://www.nytimes.com/2015/09/19/fashion/meet-alpha-the-next-next-generation.html.
- ↑ June, Sophia (2021-07-10). "Could Gen Z Free the World From Email?" (en-US ۾). The New York Times. ISSN 0362-4331. https://www.nytimes.com/2021/07/10/business/gen-z-email.html.
- ↑ Worthman, Carol; Trang, Kathy (2018). "Dynamics of body time, social time and life history at adolescence". Nature 554 (7693): 451–457. doi: . PMID 29469099. Bibcode: 2018Natur.554..451W.
- ↑ حوالي جي چڪ: Invalid
<ref>
tag; no text was provided for refs named:13
- ↑ Strauss, Valerie (March 26, 2020). "1.5 billion children around globe affected by school closure. What countries are doing to keep kids learning during pandemic.". The Washington Post. https://www.washingtonpost.com/education/2020/03/26/nearly-14-billion-children-around-globe-are-out-school-heres-what-countries-are-doing-keep-kids-learning-during-pandemic/.
- ↑ Strauss, Valerie (March 26, 2020). "1.5 billion children around globe affected by school closure. What countries are doing to keep kids learning during pandemic.". The Washington Post. https://www.washingtonpost.com/education/2020/03/26/nearly-14-billion-children-around-globe-are-out-school-heres-what-countries-are-doing-keep-kids-learning-during-pandemic/.
- ↑ "PREVENTING A LOST DECADE: Urgent action to reverse the devastating impact of COVID-19 on children and young people" (PDF). Unicef. صفحا. 19–20. حاصل ڪيل 11 December 2021.
- ↑ Birrell, Hamish (November 17, 2020). "A golden age for universities will come to an end". The Economist. https://www.economist.com/the-world-ahead/2020/11/17/a-golden-age-for-universities-will-come-to-an-end.
- ↑ Birrell, Hamish (November 17, 2020). "A golden age for universities will come to an end". The Economist. https://www.economist.com/the-world-ahead/2020/11/17/a-golden-age-for-universities-will-come-to-an-end.